زراعت کي هٿي وٺرائڻ بنا معيشت مضبوط نه ٿيندي،ميران شاهه

زراعت کي هٿي وٺرائڻ بنا معيشت مضبوط نه ٿيندي،ميران شاهه

سکر (امداد علي ڪلوڙ)  سنڌ چيمبر آف ايگريڪلچر صوبي سنڌ جي صدر ميران محمد شاهه چيو آهي ته ملڪ جي معيشت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ اسان کي زراعت جي بهتري لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو. زراعت جي پيشي سان لاڳاپيل آبادگارن ۽ هارين جي مسئلن کي حل ڪيووڃي، هن وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ اٽي ۽ کنڊ جو ڪوبه بحران نه آهي، جيڪڏهن ڪٿي بحران آهي ته اهو هٿرادو طور تي پيدا ڪيو ويو آهي. حڪومت کي زرعي پيداوار وڌائڻ ۽ آبادگارن کي رليف ڏيڻ لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي. سکر ۾ ايوان زراعت پاران ڪوٺايل ڪنوينشن کي خطاب ڪندي هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي زراعت کي جديد بڻائڻ جي ضرورت آهي، ڇو ته زراعت جومعيشت جي مضبوطي ۾ اهم ڪردار رهيو آهي، ان موقعي تي رئيس غلام حسين چاچڙ، زاهدحسين ڀرڳڙي، حاجي شهزادو ڇڄڻ، جمشيد مڱريو، مير حسن بلو، سيد ذوالفقار شاهه، غلامگوهر مرتضيٰ ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو