شارٽ ٽرم اغوا ڪيس تان پوليس ٽيمن ۾ ڇڪتاڻ،ڊي ايس پي زخمي

شارٽ ٽرم اغوا ڪيس تان پوليس ٽيمن ۾ ڇڪتاڻ،ڊي ايس پي زخمي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي نارٿ ناظم آباد ۾ نوجوان جي مبينا شارٽ ٽرم اغوا واري معاملي تان ڊسٽرڪٽ سينٽرل پوليس ۽ ايس آءِ يو صدر وچ ۾ تڪرار شدت اختيار ڪري ويو، ڇڪتاڻ دوران ڊي ايس پي شادمان جو مٿو ڦاٽي پيو، جڏهن ته ٻنهي ڌرين هڪ ٻئي جي آفيسرن ۽ اهلڪارن کي تحويل ۾ وٺڻ جون دعوائون ڪيون آهن. پوليس ذريعن موجب، نوجوان جي مبينا اغوا ۾ ملوث جوابدارن کي تيموريه پوليس حراست ۾ ورتو هو، جنهن کانپوءِ جوابدارن جي تحويل واري معاملي تان ٻنهي پوليس ٽيمن وچ ۾ تڪرار پيدا ٿيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊسٽرڪٽ سينٽرل پوليس، ايس آءِ يو صدر جي موبائل ۽ اهلڪارن کي ناظم آباد ٿاڻي منتقل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ايس آءِ يو جي ڪجهه آفيسرن کي به تحويل ۾ وٺڻ جا اطلاع آهن. واقعي کانپوءِ ناظم آباد ٿاڻي تي ٻنهي ڌرين جي آفيسرن وچ ۾ ڳالهيون پڻ ٿيون. ٻئي طرف ايس ايڇ او ممتاز مهر واقعي بابت هلندڙ خبرن کي قياس آرائي قرار ڏيندي چيو ته انهن ۾ ڪا به صداقت ناهي. واقعي بابت پوليس اختيارين جو باضابطا موقف ۽ وڌيڪ تفصيل سامهون اچڻا باقي آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو