ڪراچي(اسٽاف رپورٽر )اسپيشل انويسٽيگيشن يونٽ شاهه لطيف ٽائون ۾ جوابدارن جي موجودگي جي اطلاع تي ڇاپو هنيو، جتي فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ جوابدار مارجي ويو. پوليس موجب ڪارروائي انتهائي گهربل ڀتا خور صمد ڪاٺياواڙي جي اهم ڪارندي جي موجودگي جي اطلاع تي ڪئي وئي. پوليس موجب شهيد ملت روڊ تي مبينا مقابلي دوران هڪ ڦورو مارجي ويو، جڏهن ته سندس 3 ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. پوليس جو چوڻ آهي ته فرار ٿيل جوابدار گهرن ۾ ڌاڙن جي ڪيترين ئي وارداتن ۾ ملوث آهن. هوڏانهن نارتھ ناظم آباد بلاڪ ايڇ ۽ فيڊرل بي ايريا مان پڻ 2 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو.










