اسلام آباد )بيورو رپورٽ) پيٽرول جي اصل قيمت ۽ صارفين لاءِ مقرر ڪيل اگهه ۾ فرق وڌيڪ وڌي ويو آهي. سرڪاري دستاويزن موجب هڪ ليٽر پيٽرول تي ٽيڪس ۽ مارجنز جي مد ۾ 134 رپيا 44 پئسا وصول ڪيا پيا وڃن، جڏهن ته 1 رپيو 90 پئسا ايڪسچينج ايڊجسٽمينٽ به شامل آهي. اهڙيءَ ريت پيٽرول جي اصل قيمت کان مجموعي فرق 136 رپيا 34 پئسا ٿي ويو آهي.دستاويزن موجب پيٽرول جي في ليٽر لاڳت 254 رپيا 96 پئسا آهي، جڏهن ته ان جي مقرر ڪيل قيمت 391 رپيا 30 پئسا آهي.پيٽرول جي هڪ ليٽر تي 80 رپيا پيٽروليم ليوي، 5 رپيا ڪلائميٽ سپورٽ ليوي ۽ 23 رپيا 68 پئسا ڪسٽم ڊيوٽي لاڳو آهي. ان کانسواءِ ان لينڊ فريٽ ايڪولائيزيشن مارجن جي مد ۾ 7 رپيا 91 پئسا، آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين جو مارجن 7 رپيا 87 پئسا ۽ ڊيلرز جو مارجن 9 رپيا 98 پئسا وصول ڪيو پيو وڃي.
ڊيزل جي قيمت ۾ به وڏو فرق
سرڪاري دستاويزن موجب هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي هڪ ليٽر جي لاڳت 285 رپيا 85 پئسا آهي، جڏهن ته صارفين لاءِ ان جي في ليٽر قيمت 408 رپيا 53 پئسا مقرر ٿيل آهي. اهڙيءَ طرح ڊيزل جي اصل لاڳت ۽ مقرر ڪيل قيمت ۾ 122 رپيا 68 پئسن جو فرق آهي، جيڪو ٽيڪسن، ليوي ۽ مارجنز جي مد ۾ شامل آهي.










