ٽانڪ(ويب ڊيسڪ) اپر سائوٿ وزيرستان جي جوڊيشل سپرنٽينڊنٽ اسفنديار کي اغوا ڪيو ويو آهي.پوليس موجب، جوڊيشل سپرنٽينڊنٽ اسفنديار کي سندس گهر مان اغوا ڪيو ويو.پوليس ٻڌايو ته ٻن موٽرسائيڪلن تي سوار هٿياربندن رات جو ٻه وڳي اسفنديار کي سندس رهائشگاهه تان اغوا ڪيو ۽ کيس پاڻ سان گڏ کڻي فرار ٿي ويا.پوليس جو چوڻ آهي ته اسفنديار جي بازيابي لاءِ ڳولا جو عمل جاري آهي ۽ مختلف هنڌن تي چيڪ پوسٽون قائم ڪيون وييون آهن.










