بجلي ٽرانسفارمرن بابت نئون نظام متعارف ڪرائڻ جو فيصلو

بجلي ٽرانسفارمرن بابت نئون نظام متعارف ڪرائڻ جو فيصلو

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت بجلي چوري جي روڪٿام جي لاءِ بجلي جي ٽرانسفارمرز کي ڌار ڌار آن ۽ آف ڪرڻ جو نظام متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.وفاقي وزير توانائي اويس لغاري پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته نئين نظام کان پوءِ سمورن فيڊرز کي بند ڪرڻ جي ضرورت پيش نها يندي جنهن ٽرانسفارمر تي بجلي چوري ٿيندي صرف انهي کي بند ڪيو ويندو هن تفصيل ٻڌائيندي چيو ته نئين نظام جو ريگوليٽري فريم ورڪ ايندڙ سال اپريل يا مئي تائين ڏنو ويندو.اويس لغاري واضح ڪيو ته ملڪ ۾ بجلي جي ڪابه اضافي لوڊ شيڊنگ نه پئي ڪئي وڃي جڏهن ته نيٽ ميٽرنگ سسٽم ۾ به تبديلي کان پوءِ ماڻهن بيٽريون لڳائڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن.واضح رهي ته پاڪستان ۾ بجلي چوري ۽ بجلي جي ورهاست جي نظام ۾ نقصانن تي ڪنٽرول ڪرڻ حڪومت ۽ بجلي جي ورهاست ڪندڙ ڪمپنين جي لاءِ هميشه هڪ وڏو چيلينج رهيو آهي.بجلي چوري جي روڪٿام لاءِ مختلف علائقن ۾ فيڊرز جي بجلد بند ڪرڻ جو طريقو به استعمال ڪيو ويندو آهي جنهن سبب بجلي چوري نه ڪندڙ صارفين به متاثر ٿيندا آهن پر حڪومت هاڻ بجلي چوري واري ٽرانسفارمر کي ڌار سان بند ڪرڻ جو نظام متعارف ڪرايو آهي جنهن جي بدولت فيڊرز جي بجلي بند ڪرڻ جي ضرورت نه رهندي.

پهنجو تبصرو موڪليو