حڪومت في ليٽر پيٽرول تي 85 رپيا ليوي وصول ڪري پئي: جماعتِ اسلامي

حڪومت في ليٽر پيٽرول تي 85 رپيا ليوي وصول ڪري پئي: جماعتِ اسلامي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعتِ اسلامي جي ترجمان چيو آهي ته وفاقي حڪومت في ليٽر پيٽرول تي 85 رپيا ليوي وصول ڪري رهي آهي، جنهن جو پيٽرول جي اصل قيمت سان ڪو تعلق ناهي. ترجمان موجب پيٽرول جي قيمت ۾ 80 رپيا ليوي جڏهن ته 5 رپيا ڪاربنائيزيشن ليوي شامل آهي، اهي ٽئڪس سڌوسنئون وفاقي حڪومت وٽ وڃن ٿا. هن ٻڌايو ته شهباز حڪومت ڍائي سالن ۾ ليويءَ جي مد ۾ 3 هزار 137 ارب رپيا وصول ڪري چڪي آهي، جڏهن ته صرف گذريل مالي سال ۾ حڪومت 1 هزار 567 ارب رپيا پيٽروليم ليوي جي مد ۾ وصول ڪيا آهن. جماعتِ اسلامي وڌيڪ چيو ته وصول ڪيل ليوي ٽئڪس پنهنجي اصل حدف کان 99 ارب رپيا وڌيڪ هو. روان سال پيٽروليم ليوي جو حدف 1 هزار 676 ارب رپيا مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته حڪومت 2010ع کان پوءِ پاڪستانين کان ساڍا 8 هزار ارب رپيا ليوي ٽئڪس جي مد ۾ وصول ڪري چڪي آهي. جماعتِ اسلامي حڪومت سان مذاڪرات دوران پيٽروليم ليوي جي خاتمي لاءِ 6 متبادل تجويزون به ڏنيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو