لڪي مروت(ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواھ جي ضلعي ڪرڪ جي شٽاڪئي ڊيم واري علائقي ۾ اڱاري جي دير رات اڻڄاتل هٿياربندن جي پوليس موبائل تي فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ پوليس اهلڪار شهيد ۽ ٻيو سخت زخمي ٿي پيو.ڊسٽرڪٽ پوليس آفيسر (ڊي پي او) جي ترجمان شوڪت خان پنهنجي بيان ۾ ٻڌايو ته صابر آباد ٿاڻي جي حدن ۾ پوليس پارٽي معمول جي گشت تي هئي ته مٿن اندھا دھند فائرنگ ڪئي وئي.ترجمان موجب فائرنگ جي نتيجي ۾ ڪانسٽيبل زفران موقعي تي ئي شهادت ماڻي، جڏهن ته ڪانسٽيبل محمد امتياز سخت زخمي ٿي پيو. پوليس اهلڪارن جي مڙهه ۽ زخمي کي فوري طور اسپتال منتقل ڪيو ويو.واقعي کانپوءِ ڊي پي او عمران خان جي اڳواڻي ۾ پوليس جي وڏي نفري موقعي تي پهچي پوري علائقي کي گھيري ۾ وٺي حملي آورن جي ڳولا لاءِ سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي. ترجمان وڌيڪ ٻڌايو ته ماڻهن جي حرڪتن تي نظر رکڻ ۽ حملي آورن جي فرار ٿيڻ واري ڪوشش کي ناڪام بڻائڻ لاءِ مختلف پوائنٽس تي اضافي نفري پڻ مقرر ڪئي وئي آهي.ٻئي طرف، پاڪستان انسٽيٽيوٽ فار ڪنفلڪٽ اينڊ سيڪيورٽي اسٽڊيز (PICSS) جي ماهوار انگن اکرن موجب خيبر پختونخواھ ۾ جولاءِ جي مقابلي ۾ آگسٽ مهيني دوران دهشتگرد حملن ۾ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.قبائلي ضلعن کان علاوه، خيبر پختونخواھ جي بنيادي ضلعن ۾ آگسٽ دوران 54 دهشتگرد حملا ٿيا، جڏهن ته جولاءِ ۾ اهي حملا 36 هئا، جنهن مان حملن ۾ 50 سيڪڙو واڌ ظاهر ٿئي ٿي. تنهن هوندي به، آگسٽ ۾ دهشتگرد حملن جي نتيجي ۾ ٿيندڙ شهادتون 44 رهيون جو جولاءِ جي 69 شهادتن کان گھٽ هيون.ان کان اڳ، آگسٽ مهيني ۾ به ڪرڪ ضلعي ۾ پوليس موبائل تي ريموٽ ڪنٽرول بم (IED) حملي جي نتيجي ۾ هڪ ڪانسٽيبل شهيد ۽ 6 اهلڪار زخمي ٿي پيا هئا.










