مهر خاندان ۾ اختلاف ختم ڪرائڻ لاءِ دبئي جو شهزادو سرگرم

خانپورمهر(آفتاب سيال) خانڳڙھ جي مهر خاندان ۾ سياسي اختلاف ختم ڪرائڻ لاءِ  دبئي جي شهزادن جون ڪوششون جاري آهن. ان سلسلي ۾ دبئي جو عرب شھزادو شيخ سلطان بن همدان النهيان هڪ دفعو ٻيهر دبئي کان خانڳڙھ، پهچي ويو آهي. سردار ڳڙه واري علائقي تار گهر تي شيخ سلطان جي ڊي اي ايم پي اي سردار علي گوهر خان مهر سان ملاقات ڪري اختلاف ختم ڪرائڻ بابت ڳالهيون ڪيون. ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب خانڳڙھ جي مهر خاندان ۾ سياسي اختلاف ختم ڪرائڻ لاءِ ان کان اڳ به شيخ سلطان مهر سردارن سان ملاقاتون ڪري چڪو آهي. ذريعن موجب خانڳڙھ جي مهر سردارن ۾ جلد سياسي اختلاف ختم ڪرايا ويندا. دبئي شهزادن جون مهر سردارن سان اختلاف ختم ڪرائڻ واريون ڳالهيون آخري مرحلي ۾ آهن امڪان آهن ته مهر خاندان ۾ هلندڙ سياسي اختلاف جلد ختم ٿي ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو