سکر ۾ عمارت کي باهه ٻن ٻارن سميت 4 ڄڻا فوت 3 زخمي

سکر (جيرام داس ) چار ماڙ عمارت کي شارٽ سرڪٽ سبب باهه لڳڻ سبب ٻن ٻارن سوڌو 4 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 3 ٻيا زخمي ٿي پيا. سکر جي غريب آباد واري علائقي ۾ پيش آيل المناڪ واقعي جي فوتين جي لاشن ۽ زخمين کي ايڌي ايمبولينسز ذريعي سول اسپتال سکر منتقل ڪيو ويو. فوتين ۾ محمد جاويد ولد محمد ريحان، محمد علياڻ ولد محمد جاويد، عمر ولد محمد جاويد ۽ حيدر علي شامل آهن. جڏهن ته زخمين ۾ سهيل، اڪبري زليشاهه شامل آهن. شروعاتي رپورٽ موجب باهه کانپوءِ دونهين سبب ساهه ٻوساٽجڻ سبب ماڻهو فوت ٿيا. عيني شاهدن موجب باهه عمارت هيٺان قائم دڪانن کي شارٽ سرڪٽ سبب لڳي، امدادي ڪارروايون شروع ڪيون ويون.فليٽن کي خالي ڪرايو ويو رھواسين کي ٻي ھنڌ منتقل ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو