ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ڊفينس فيز 8 ۾ نوجوان تي تشدد جي مک جوابدار ملڪ ابراهيم کي گرفتار ڪيو ويو آهي. واقعي جو ڪيس ساحل پوليس اسٽيشن تي داخل ڪيو ويو آهي. واقعي جي وائرل وڊيو ۾ ٽن ڇوڪرن کي نوجوان تي تشدد ڪندي ڏسي سگهجي ٿو.متاثر نوجوان علي جعفري دعويٰ ڪئي ته هو ڊفينس فيز 6 ۾ دوستن سان گڏ کائڻ ويو هو. جڏهن هو کاڌو کائڻ کان پوءِ ٻاهر نڪتو ته ڪنهن سندس مٿي تي لٺ سان وار ڪيو، جنهن ڪري هو بي هوش ٿي ويو.ان موقعي تي، جوابدار کيس ڪار ۾ ويهاريو ۽ کڻي ويو، تشدد جو نشانو بڻايو جڏهن ته هڪ ڇوڪرو اتي پستول کڻي بيٺو هو. جوابدار معافي گهرندو رهيو.متاثر نوجوان چيو ته جوابدار پئسا گهريا ۽ سندس اڪائونٽ مان خريداري ڪئي.پوليس جو چوڻ آهي ته گزري پوليس اسٽيشن جي حد ۾ گيمنگ زون ۾ نوجوان جو جهيڙو ٿيو. تشدد جو واقعو 29 آگسٽ تي پيش آيو.










