وسيم اڪرم گهرواري سان فلمي اسڪرين تي رومانس لاءِ تيار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گذريل سال کان خبرون سامهون اچي رهيون هيون ته وسيم اڪرم جلد مصالحا فلم ۾ معروف اداڪار فواد خان ۽ فيصل قريشي سيمت ٻين اداڪارن سان گڏ جلوا ڏيکاريندو جنهن جي بعد ۾ تصديق به ڪئي وئي. هاڻي وسيم اڪرم جي گهرواري شنيرا اڪرم به پنهنجي ۽ پنهنجي مڙس جي پهرين فلم جي حوالي سان تصديق ڪندي ٻڌايو آهي ته ان کي ڊيبيو فلم جي شوٽنگ دوران کوڙ سارين مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو. شنيرا اڪرم انسٽاگرام پوسٽ ۾ ٻڌايو ته ايندڙ مصالحا فلم مني بيڪ گارنٽي جي شوٽنگ دوران ڏاڍي تڪليف ٿي. هن شوٽنگ دوران ورتل 2 تصويرون شيئر ڪندي شوٽنگ جا تجربا بيان ڪيا ۽ ٻڌايو ته ان دوران 12 ڏينهن کان مڪمل ننڊ نه ڪئي. هن وڌيڪ لکيو ته فيصل قريشي ۽ ان جي ٽيم سان گڏجي ڪم ڪرڻ تمام سٺو لڳو ۽ ان کي گهڻو ڪجهه سکڻ جو موقعو مليو. مني بيڪ گارنٽي جي ڪاسٽ ۾ ميڪال ذوالفقار، فواد خان، ڪرن ملڪ، فيصل قريشي، وسيم اڪرم، جاويد شيخ، حنا دلپذير، افضل خان (جان ريمبو) ۽ ماني جهڙا اداڪار شامل آهن. فلم جي شوٽنگ ڪراچي سميت ٻاهرين ملڪن ۾ به ڪئي وئي آهي. ياد رهي ته فلم هلندڙ سال جي آخر ۾ رليز لاءِ پيش ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو