جعلي اڪائونٽس ڪيس، عبدالغني مجيد جي ضمانت منظور

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ اومني گروپ جي سربراهه انور مجيد جو پٽ عبدالغني مجيد کي طبي بنيادن تي ضمانت ملي وئي آهي. جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ۽ جسٽس فياض احمد جنڊاڻ تي مشتمل 2 رڪني بينچ عبدالغني مجيد جي ضمانت منظور ڪئي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 10 ڪروڙ رپين جي مچلڪن عيوض عبدالغني مجيد جي ضمانت منظور ڪئي. عدالت جو چوڻ آهي ته عبدالغني مجيد جي ضمانت طبي بنيادن تي منظور ڪئي آهي عبدالغني مجيد اسلام آباد جي اسپتال ۾ علاج هيٺ رهندو ۽ هر تاريخ تي پيش ٿيندو. ياد رهي ته مني لانڊرنگ ڪيس ۾ اومني گروپ جي سربراهه ۽ آصف زرداري جي ويجهي ساٿي انور مجيد ۽ ان جو پٽ عبدالغني مجيد کي سپريم ڪورٽ کان گرفتار ڪيو ويو هو جڏهن ته زرداري جي هڪ ويجهي ساٿي نجي بينڪ جي سربراهه حسين لوائي به مني لانڊرنگ ڪيس ۾ گرفتار آهي. ان ڪيس ۾ جوڙيل جي آءِ ٽي اڳيان اڳوڻو صدر آصف زرداري ۽ فريال ٽالپور پيش ٿي چڪا آهن. تحقيقات ۾ تيزي اچڻ کان هن وقت تائين ڪيترائي جعلي اڪائونٽ سامهون اچي چڪا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو