سنڌيار اخبار جي سرواڻ اعجاز مهر جو چاچو لاڏاڻو ڪري ويو

سوسائٽي (غلام رسول مھر) نامياري صحافي، تجزئي نگار ۽ روزاني سنڌيار اخبار جي سرواڻ اعجاز مھر جو چاچو علائقي جي معزز شخصيت حاجي گل حسن  مھر ڪجھ عرصو بيمار رهڻ بعد ڪراچي جي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو جنهن جو مڙھ ايمبولنس ذريعي  ڳوٺ عارب مھر  آندو ويو جتي سندس جنازي نماز ادا ڪئي وئي. مرحوم جي  جنازي نماز ۾ نامياري وڪيل عبدالرزاق مھر، حاجي غلام حسين مھر، اعجاز خان مھر، ايڪسائيز انسپيڪٽر رفيق احمد مھر سميت  سياسي سماجي اڳواڻن، صحافين توڙي علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. جنازي نماز  بعد مرحوم کي سوين آلين اکين سان سندس اباڻي قبرستان پير بگو شير بادشاه ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. جڏھن ته مرحوم جي پونئيرن سينئر صحافي اعجاز مھر، سجاد حسين مھر، خالد حسين مھر، مختيارڪار نور حسن مھر سان تعزيت جو سلسلو ڳوٺ عارب مھر ۾ هلندڙ آهي. ٻئي طرف سنڌيار اخبار سٿ پاران ايڊيٽر اعجاز مهر سان سندس چاچي جي وفات تي ڏک جو اظهار ڪيو ويو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو