انساني رڳن مان مهارت سان رت ڪڍندڙ روبوٽ تيار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) رنگرز يونيورسٽي ۽ مائونٽ سيناني اسپتال جي ماهرن هڪ اهڙو ميڊيڪل روبوٽ ايجاد ڪيو آهي جيڪو انسانن جي مقابلي ۾ تمام گهڻي مهارت سان رڳن مان تلاش ڪري ۽ بهترين نموني رت ڪڍڻ جي صلاحيت رکي ٿو. جنهن ماڻهن جي ٻانهن جون رڳون واضح هونديون آهن ان لاءِ بلڊ ٽيسٽ وقت خون ڪڍڻ آسان هوندو آهي ڇاڪاڻ ته پهرين ئي ڪوشش ۾ ان جي رڳ ملي ويندي آهي پر ان معاملي ۾ ڪجهه ماڻهن کي شديد پريشاني ۽ تڪليفن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي ڇاڪاڻ ته انهن جي ٻانهن جون رڳون ظاهر نه هونديون آهن ۽ گهڻي مشڪل کان پوءِ ملنديون آهن ان دوران ٿلهي انجيڪشن جڏهن انهن جي ٻانهن ۾ ٻه کان ٽي ڀيرا لڳندي آهي ته ماڻهوءَ جون دانهون نڪري وينديون آهن. اهو روبوٽ خاص ڪري اهڙن ئي ماڻهن جي تڪليف گهٽ ڪرڻ لاءِ ٺاهيو ويو آهي. مريضن تي ڪيل ابتدائي آزمائش دوران ان روبوٽ مجموعي طور 87 فيصد صحيح ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو جڏهن ته 31 رڳون واضح ٿيڻ تي ان جي ڪارڪردگي 97 فيصد رهي.

پهنجو تبصرو موڪليو