اداڪاره نازش جهانگير 10 سالن کان ڊپريشن ۾ مبتلا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڊراما سيريل “ڪهين ديپ جلي” ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندڙ اداڪاره نازش جهانگير وڏي عرصي کان ڊپريشن ۾ مبتلا هجڻ جو ٻڌايو آهي. شو بز انڊسٽري جي ڪجهه اداڪارائن کي سوشل ميڊيا تي ڊپريشن جي حوالي سان ڳالهائيندي ڏٺو ويو آهي جنهن ۾ اداڪاره ماورا حسين، حنا الطاف ۽ ماهي بلوچ سميت ٻيون شخصيتون شامل آهن. تازو ڊپريشن جي حوالي سان هڪ وڌيڪ اداڪاره سوشل ميڊيا جو سهارو وٺندي پنهنجي مداحن کي ان بيماري بابت ٻڌايو ته ان بيماري جو علاج ڪرڻ تمام ڏکيو آهي هن چيو ته اها بيماري نه صرف توهان جي گهر وارن ۽ دوستن جي تعلقان کي متاثر ڪري سگهي ٿي پر توهان کي جذباي مسئلن ۽ صحت جي مسئلن ۾ به مبتلا ڪري سگهي ٿي. نازش پنهنجي پوسٽ ذريعي سڀني کي پيغام ڏنو ته اهڙو ڪو به فارمولو ناهي جيڪو اچانڪ خوف مان ڪڍي صبر ڪيو ان کان علاوهه روزانو عبادت به ڪيو. واضح رهي ته اسلام آباد سان تعلق رکندڙ اداڪاره نازش جهانگير پنهنجي ڪيريئر جو آغاز 2015 ۾ ڪيو نازش جهانگير تي اداڪار محسن عباس حيدر جي اڳوڻي گهرواري طرفان الزام به لڳايا ويا ته ان جا محسن سان تعلقات آهن جنهن تي ٻنهي طرفان ترديد ڪئي وئي هئي ته اهي الزام ڪوڙا ۽ بي بنياد آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو