ڪنري(ن س) ڪنري ۾ نائين ڪلاس جي شاگردياڻي جو ڦاهو کاڌل لاش هٿ آيو آهي، ڳوٺ دودو ڪپري ۾ 15 سالن جي نينگري جو گهر اندر ٽنگيل حالت ۾ لاش مليو،اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو،ڳوٺاڻن موجب چاچي پاران دڙڪو ڏيڻ تان نينگري ڪاوڙ ۾ اچي آپگهات ڪيو،پوليس موجب ضابطي جي ڪارواين بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو آهي،واقعي بابت جاچ جاري آهي










