صحافي خلاف چوري جو ڪوڙو ڪيس داخل، انصاف جي گهر

صحافي خلاف چوري جو ڪوڙو ڪيس داخل، انصاف جي گهر

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) روزاني سنڌيار جي اوٻاوڙو جي رپورٽر غلام علي رند ٻڌايو آهي ته مخالف گروپ جي وانگار وهندي پوليس مٿس چوري جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو آهي. ڊي ايس پي اوٻاوڙو جي هدايت تي ڪوڙي ڪيس ۾ رپورٽر جي ڀاءُ حقنواز رند کي به جوابدار بڻايو ويو آهي. غلام علي رند جي دعويٰ آهي ته سندس پلاٽ تي بااثرن قبضو ڪيو، جنهن خلاف ڪيس سول ڪورٽ اوٻاوڙو ۾هلندڙ آهي۔ عدالت ميرٽ تي جيڪو به فيصلو ڪيو اهو کين قبول هوندو. کين هيسائڻ لاءِ پوليس مخالف ڌر جي سرپرستي بند ڪري. هن آءِ جي سنڌ ۽ ڊي آءِ جي سکر کان نوٽيس وٺي جاچ جو مطالبو ڪيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو