شڪارپور فائرنگ، 2 ڌنار قتل

شڪارپور فائرنگ، 2 ڌنار قتل

شڪارپور (رپورٽ: عبدالخالق سومرو) شڪارپور ۾ فائرنگ جي ٻن مختلف واقعن ۾ ڌنار سميت 2 ڄڻا قتل ٿي ويا. تفصيل موجب شڪارپور جي تعلقي ڳڙهي ياسين جي مختلف علائقن ۾ فائرنگ جي ٻن الڳ الڳ واقعن ۾ ڌنار سميت 2 ڄڻا قتل ٿي ويا. پوليس موجب باقر شاهه واري علائقي ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ 30 ورهين جو نادر مارفاڻي قتل ٿي ويو، جنهن جو لاش سول اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو ڪاروڪاري جي تڪرار جو نتيجو ٿي سگهي ٿو. ٻئي واقعي ۾ پڻ تعلقي ڳڙهي ياسين ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ نوجوان موقعي تي ئي قتل ٿي ويو، جنهن جي سڃاڻپ بلاول احمد بروهي جي نالي سان ٿي. واقعي کانپوءِ پوليس جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ رواني ڪئي وئي، جڏهن ته جوابدار فرار ٿي ويا، جن جي ڳولا جاري آهي. پوليس موجب شروعاتي طور واقعو ذاتي دشمني جو نتيجو ٻڌايو پيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو