اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن بلوچستان مان دهشتگردي جو جڙ کان خاتمو ٿي ويندو.صدر آصف علي زرداري سان بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي جي ايوان صدر ۾ ملاقات ٿي جنهن ۾ بلوچستان جي گڏيل صورتحال ۽ صوبي ۾ جاري ترقياتي قدمن تي بريفنگ ڏني وئي.صدر زرداري چيو ته بلوچستان ۾ امن، ترقي ۽ عوامي فلاح جي لاءِ وفاقي، صوبائي حڪومتن جا موثر رابطه ضروري آهن. رقبي جي لحاظ سان پاڪستان جو سڀني کان وڏو صوبو خاص ڌيان ۽ وسيلن جو حقدار آهي.صدر آصف علي زرداري چيو ته پرڏيهي سرپرستي ۾ سرگرم دهشتگردن جي بلوچستان جي ترقي ۾ رنڊڪ وجهڻ جون ڪوششون هر قيمت تي ناڪام بنايون وينديون، اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن بلوچستان مان دهشتگردي جو جڙ کان خاتمو ٿي ويندو. پيپلز پارٽي عورت ونگ جي صدر فريال ٽالپر ۽ بلوچستان جو اڳوڻو وزير مير علي حسن زهري به ملاقات ۾ موجود هو.










