منهڙو (ن س): منهڙو ويجهو تعلق مورو جي يونين ڪائونسل خيرواهه جي ڳوٺ ڪروچو ماڙي ۾ قائم گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول الله بخش ڏيپر جي عمارت ڊگهي عرصي کان زبون حالي جو شڪار بڻيل آهي، جتي سخت گرمي باوجود معصوم شاگرد بنا پنکن ۽ بنيادي سهولتن جي تعليم حاصل ڪرڻ تي مجبور آهن.اسڪول ۾ نه پنکن جي مناسب سهولت موجود آهي ۽ نه ئي پيئڻ جو صاف پاڻي، جڏهن ته فرنيچر جي کوٽ سبب شاگردن کي ويهڻ ۾ پڻ سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف اسڪول جي شاگردن ۽ شاگردياڻين احتجاجي مظاهرو ڪندي اختيارين کان مسئلا حل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.ڳوٺاڻن موجب اسڪول جي عمارت گذريل ڪيترن ئي سالن کان مرمت نه ٿيڻ سبب هنڌان هنڌان اکڙڻ شروع ٿي وئي آهي، جڏهن ته ڇت جا چاپڙ پڻ ڪرڻ لڳا آهن. اسڪول جي چوديواري به نامڪمل هجڻ سبب ڊهي پٽ پئجي وئي آهي.عمارت جي خراب حالت سبب اسڪول ۾ پڙهندڙ ٻارن ۾ خوف ۽ هراس پکڙيل آهي. ڪجهه ٻار مبينا طور اسڪول جي زبون حال عمارت سبب خوفزده ٿي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اسڪول اچڻ پڻ ڇڏي ويا آهن.ان موقعي تي شاگردن شوڪت ڏيپر، مير نواز لاشاري، گل نواز، شاهنواز، گل مير، ارشد، راشد، حق نواز، محبت، ممتاز، سهيل، زيشان، نياز، عائشه، وفا پروين ۽ ريما ڳالهائيندي چيو ته اسڪول ۾ 100 کان وڌيڪ ٻار تعليم حاصل ڪن ٿا، پر انهن لاءِ صرف هڪ استاد مقرر ٿيل آهي.شاگردن جو چوڻ هو ته ڳوٺ ڪروچو ماڙي ۾ قائم الله بخش ڏيپر اسڪول جي عمارت کي تعمير ٿيل تقريبن 50 سال گذري چڪا آهن، پر اڄ تائين عمارت جي مناسب مرمت نه ٿي سگهي آهي، جنهن سبب اسڪول جي حالت ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندي پئي وڃي.شاگردن مطالبو ڪيو ته اسڪول لاءِ نئين عمارت تعمير ڪرائي، وڌيڪ استاد مقرر ڪرڻ سان گڏ پنکا، فرنيچر، پيئڻ جو پاڻي ۽ ٻيون بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وڃن، جيئن هو محفوظ ماحول ۾ تعليم حاصل ڪري پنهنجي مستقبل کي بهتر بڻائي سگهن.شاگردن ۽ صوبائي گهرو ۽ قانون واري وزير ضياءَ الحسن لنجار، ايم اين اي ذوالفقار علي بهڻ ۽ ضلعي نوشهروفيروز جي انتظاميا سميت اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته اسڪول جي زبون حال عمارت جو نوٽيس وٺي نئين عمارت تعمير ڪرائي وڃي ۽ اسڪول جون سموريون بنيادي ضرورتون فوري طور تي پوريون ڪيون وڃن، جيئن ٻارن جو مستقبل داءَ تي لڳڻ کان بچي سگهي.










