شڪارپور (رپورٽ: عبدالخالق سومرو) شڪارپور پوليس جو آپريشن، 2 ڏوھاري مارجي ويا. شڪارپور پوليس جو ڏوھارين خلاف آپريشن جاري آهي. ٿاڻي بچل ڀيو جي حدن ۾ پوليس پاران ڏوھارين خلاف ڪارروائي دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 2 ڏوھاري مارجي ويا. ايس ايس پي شڪارپور محمد ڪليم موجب، مارجي ويل ڏوھارين جي سڃاڻپ عيسو ڪرياني ۽ سعيدو جتوئي جي نالن سان ٿي آهي، جڏهن ته مارجي ويل ڏوھارين جو ڪرمنل رڪارڊ حاصل ڪيو پيو وڃي. ايس ايس پي محمد ڪليم چيو ته ڏوھارين خلاف آپريشن وڌيڪ تيز ڪيو ويو آهي. هن ڏوھارين کي واضح پيغام ڏيندي چيو ته سرينڊر ڪري قانون جي رعايت حاصل ڪريو، ٻي صورت ۾ پنهنجي انجام جا پاڻ ذميوار هوندا. ايس ايس پي شڪارپور جو وڌيڪ چوڻ هو ته شڪارپور پوليس شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ ميدانِ عمل ۾ موجود آهي، جڏهن ته ضلعي ۾ امن امان جي قيام لاءِ ڏوهاري عنصرن خلاف ڪارروايون بنا ڪنهن وقفي جي جاري رهنديون.










