صوابي: (ويب ڊيسڪ) بنڊ صوابي واري هنڌ تي جشن آزادي جي موقعي تي تفريح لاءِ ايندڙ 5 ڄڻا سنڌو درياءَ ۾ وهنجي ٻڏي ويا.ٻڏي ويلن ۾ پيءُ ۽ انهي جا 2 پٽ به شامل آهن جڏهن ته هڪ نوجوان جو تعلق چارسده سان آهي جڏهن ته پيءُ ۽ انهي جي ٻن پٽن جو تعلق مردان ۽ هڪ نوجوان جو تعلق صوابي سان ٻڌايو ويو آهي.اهي ماڻهو جمعي جي ڏينهن جشن آزادي ملهائڻ جي لاءِ بنڊ آيا هئا جيڪي سنڌو درياءَ جي ٿڌي پاڻي ۽ هوائن مان مزو وٺي رهيا هئا ته وهنجڻ جي دوران تيز وهڪرن ۾ اچي ٻڏي ويا.شروعاتي ڄاڻ موجب انهن ۾ 26 ورهين جو اويس رهندڙ چارسده، 45 ورهين جو شڪيل ۽ انهي جو 20 ورهين جو پٽ شرجيل، 16 ورهين جو پٽ خضر رهندڙ مردان ۽ 14 ورهين جو مشال رهندڙ صوابي شامل آهن.واقعي جي اطلاع ملندي ئي ريسڪيو 1122 صوابي جي غوطه خور ٽيم واقعي واري هنڌ پهچي وئي جن ٻڏي ويل ماڻهن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي. ريسڪيو 1122صوابي جي غوطه خور ٽيم سنڌو درياءَ ۾ گم ٿي ويل ماڻهن جي ڳولا ۾ مصروف آهي.










