مير رضا ڪيس: سمورا ڊجيٽل ثبوت اين سي سي آءِ اي حوالي

مير رضا ڪيس: سمورا ڊجيٽل ثبوت اين سي سي آءِ اي حوالي

ڪراچي (رپورٽر) تاجر مير رضا عليءَ جي مبينه هلاڪت واري ڪيس ۾ پوليس پاران تمام تر ڊجيٽل ثبوت نيشنل سائبر ڪائم انويسٽيگيشن ايجنسي (NCCIA) جي حوالي ڪيا ويا آهن.ذرئعن موجب مقتول مير رضا جو موبائل فون ۽ ڊجيٽل واچ هن جي والدين جي موجودگيءَ ۾ تحقيقاتي اختيارين ۽ اين سي سي آءِ اي حوالي ڪئي وئي.ذريعن جو چوڻ آهي ته موبائل فون ۽ ڊجيٽل واچ جو باقاعده فارنزڪ اين سي سي آءِ اي پاران ڪيو ويندو. تحقيقاتي آفيسرن پاران ٻنهي ڊجيٽل سامان مان ملندڙ ڊيٽا کي ڪيس جي شفاف جاچ لاءِ انتهائي اهم قرار ڏنو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو