ڪيٽي بندر ويجهو 4.5 شدت جو زلزلو

ڪيٽي بندر ويجهو 4.5 شدت جو زلزلو

ڪراچي (رپورٽر): پاڪستان جي سامونڊي پٽي ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ اندر زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا آهن.موسميات کاتي جي زلزلي مرڪز موجب صبح جو 8 بجي 31 منٽن تي زلزلو رڪارڊ ڪيو ويو جنهن جي شدت ريڪٽر اسڪيل تي 4.5 هئي. زلزلي جي ئيڙائي 40 ڪلوميٽر هئي ۽ ان جو مرڪز ڪيٽي بندر کان 156 ڪلوميٽر ڏکڻ اولهه طرف سمنڊ جي اندر هو. زلزلي سبب ڪنهن به قسم جي جاني يا مالي نقصان جي اطلاع ناهي ملي.

پهنجو تبصرو موڪليو