عوامي تحريڪ پاران سڄي سنڌ ۾ عوامي سجاڳي مهم هلائڻ جو اعلان

عوامي تحريڪ پاران سڄي سنڌ ۾ عوامي سجاڳي مهم هلائڻ جو اعلان

حيدرآباد (ن س) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري چيو آهي ته سنڌ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جي سازشن، سنڌ جي معدني وسيلن ۽ زمينن تي قبضن، جلالپور ڪئنال سميت سمورن ڪئنالن ۽ ڊيمن خلاف سڄي سنڌ ۾ عوامي سجاڳي مهم هلائي ويندي.حيدرآباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ايڊووڪيٽ وسند ٿري چيو ته سنڌ هزارين سالن کان سنڌي عوام جو تاريخي ۽ تهذيبي وطن آهي، سنڌ جي وحدت ۽ سالميت تي ڪنهن به قسم جو وار قبول نه ڪيو ويندو. هن چيو ته سنڌ جي تيل، گئس، ڪوئلي ۽ ٻين معدني وسيلن سان گڏ زرعي زمينن تي قبضي لاءِ قائم ڪيل ادارن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي پاليسين خلاف عوام کي سجاڳ ڪيو ويندو.هن الزام لڳايو ته سنڌ جي پاڻي تي مسلسل ڌاڙا هنيا پيا وڃن ۽ جلالپور ڪئنال، چشمہ جهلم لنڪ ڪئنال ۽ تونسا پنجند ڪئنال سميت مختلف منصوبن سبب سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ پيدا ٿي رهي آهي، جنهن خلاف عوامي تحريڪ مزاحمت جاري رکندي.ايڊووڪيٽ وسند ٿري چيو ته عوامي تحريڪ جي مرڪزي ڪائونسل جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته پهرين مرحلي ۾ 15 آگسٽ تي حيدرآباد ۾ عوامي ڪانفرنس ڪوٺائي ويندي، جنهن ۾ سياسي، سماجي اڳواڻن، اديبن، دانشورن، شاعرن، صحافين، وڪيلن، آبادگارن، هارين ۽ شاگرد اڳواڻن کي شرڪت جي دعوت ڏني ويندي.هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي، سکر، ميرپورخاص، لاڙڪاڻو، سانگهڙ، مٺي سميت سڄي سنڌ ۾ عوامي ڪانفرنسون منعقد ڪيون وينديون، جڏهن ته شهرن، ڳوٺن ۽ مختلف هنڌن تي هينڊ بل ورهائي سنڌ جي پاڻي، زمينن، معدني وسيلن ۽ وحدت کي درپيش خطرن بابت عوام کي آگاهه ڪيو ويندو.عوامي تحريڪ جي اڳواڻ لاڙڪاڻي ۾ سنڌي ادبي سنگت جي ريلي تي پوليس ڪارروائي ۽ اڳواڻن جي گرفتاري، جڏهن ته وارهه ۾ عوامي تحريڪ جي اڳواڻ عرفان منان چانڊيو جي گهر تي پوليس چڙهائي جي پڻ مذمت ڪئي.هن چيو ته سنڌ جي وحدت، زمينن، پاڻي، معدني وسيلن ۽ سنڌي عوام جي حقن جي تحفظ لاءِ جدوجهد جاري رهندي ۽ سنڌ کي ٽڪرا ڪرڻ جون سازشون ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيون وينديون.اجلاس ۾ مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، نور احمد ڪاتيار، ستار رند، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر عمره سمون، پرهه سومرو، راحيل ڀٽو، ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، لال جروار، عبدالقادر رانٽو، اسماعيل خاصخيلي، ڪاشف ملاح، علي محمد پرويز، سرواڻ جتوئي ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو