دادو (رپورٽر): دادو جي علائقي موندر ٿاڻي جي حد ۾ شاهاڻي برادريءَ جي ٻن ڌرين وچ ۾ خوني تڪرار جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا موقعي تي ئي فوت ٿي ويا.اکين ڏٺن شاهدن موجب معمولي جهيڙي تان معاملو شدت رخ اختيار ڪري ويو ۽ ٻنهي ڌرين پاران هڪٻئي تي انڌاڌنڌ فائرنگ ڪئي وئي. فائرنگ جي نتيجي ۾ خادم شاهاڻي ، زبنواز شاهاڻي ۽ مظفر شاهاڻي موقعي تي ئي دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو. واقعي جي اطلاع ملندي ئي پوليس جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ پهچي صورتحال تي ڪنٽرول حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.واقعي بعد علائقي ۾ سخت خوف ۽ حراس پکڙجي ويو، جڏهن ته ٻئي ڌريون مورچابند ٿي ويون آهن، جنهن سبب وڌيڪ ڪشيدگيءَ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي. پوليس پاران علائقي کي گھيري ۾ وٺي اضافي نفري طلب ڪئي وئي آهي ۽ واقعي جي تفشيش شروع ڪري ڏني وئي آهي.










