طلاق کانپوءِ خودمختيار بڻجڻ کان سواءِ ٻيو ڪو رستو نه هو: شرمين

طلاق کانپوءِ خودمختيار بڻجڻ کان سواءِ ٻيو ڪو رستو نه هو: شرمين

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪاره شرمين علي طلاق کانپوءِ خودمختيار بڻجڻ ۽ پنهنجي ڌيءُ سميت پنهنجا خرچ پاڻ ئي کڻڻ جي سفر بابت کليل دل سان ڳالهايو آهي. شرمين علي تازو ئي هڪ مارننگ شو ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن پنهنجي ذاتي زندگي ۽ شوبز ۾ اچڻ بابت گفتگو ڪئي. اداڪاره ٻڌايو ته الڳ ٿيڻ (طلاق) کانپوءِ مون وٽ خودمختيار بڻجڻ کان سواءِ ٻيو ڪو رستو نه هو، ننڍي ئي عمر ۾اديءَ جي ڪري تعليم به مڪمل نه ٿي سگهي هئي.شرمين علي موجب طلاق کانپوءِ جڏهن مان پنهنجي مائٽن (ماءُ پيءُ) جي گهر واپس آئيس ته مان نه پئي چاهيان ته منهنجا پوڙها مائٽ منهنجا خرچ کڻن، ان ڪري مون پنهنجن پيرن تي بيهڻ جو فيصلو ڪيو. اداڪاره ٻڌايو ته مون شروعات ۾ ڪپڙن جي ڊيزائننگ، هوم ڊيڪور ۽ ٻين ڪمن جون خدمتون ڏيڻ شروع ڪيون، خوش قسمتيءَ سان صرف 3 مهينن اندر مون کي نينا ڪاشف پاران ڪم جي آڇ ملي وئي، جنهن کانپوءِ مون شوبز ۾ قدم رکيو. شرمين علي ٻڌايو ته منهنجي ڪٽنب (خاندان) کي شروعات ۾ شوبز ۾ اچڻ تي تحفضات هئا، تنهن هوندي به مالي طور خودمختيار ٿيڻ مجبوري هئي، شروعات ۾ گھٽ پروجيڪٽس مليا، پر اهي منهنجي لاءِ ڪافي هئا ۽ وقت سان گڏ مون شوبز ۾ پنهنجي جڳهه ٺاهي ورتي. اداڪاره اهو به چيو ته جيتوڻيڪ مون ٻاهران (پرديس مان) تعليم حاصل ڪئي هئي، پر شاديءَ دوران پيش آيل تجربن کانپوءِ هڪ آزاد ڇوڪريءَ جي حيثيت سان حاصل ڪيل منهنجو اعتماد جئين ختم ٿي ويو هو، ان ڪري مون کي پنهنجي زندگي ٻيهر ٻڙي (زيرو) کان شروع ڪرڻي پئي.

پهنجو تبصرو موڪليو