سنڌ ۾ اڄ برساتن جي اڳڪٿي، ڪراچي ۾ سڀاڻي وسڪاري جي اميد

سنڌ ۾ اڄ برساتن جي اڳڪٿي، ڪراچي ۾ سڀاڻي وسڪاري جي اميد

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): وفاقي محڪمه موسميات سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ اڄ شام يا رات کان تيز برساتن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي. اختيارين موجب خليج بنگال مان اٿندڙ مونسون سسٽم ڪمزور ٿي اڳتي وڌي رهيو آهي ۽ ان جي اثر هيٺ ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، سانگهڙ ۽ حيدرآباد ۾ 2 آگسٽ تائين وقفي وقفي سان برسات پوندي. ڪراچي شهر ۾ سڀاڻي پهرين آگسٽ جي شام کان 2 آگسٽ تائين هلڪي کان وچولي ۽ مضافاتي علائقن ۾ تيز برسات جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو