ڪراچي ۽ حيدرآباد لاءِ 20 اربن جي پيڪيج تي عمل شروع

ڪراچي ۽ حيدرآباد لاءِ 20 اربن جي پيڪيج تي عمل شروع

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): وفاقي حڪومت پاران ڪراچي ۽ حيدرآباد جي شهرين لاءِ وزيراعظم جي 20 ارب رپين جي خصوصي ترقياتي پيڪيج تي عملدرآمد جو باقاعده آغاز ڪيو ويو آهي. پاڪستان انفرادي اسٽرڪچر ڊيولپمينٽ ڪمپني لميٽيڊ (PIDCL) جي نگراني ۾ ڪراچي جي 504 ۽ حيدرآباد جي 17 ترقياتي اسڪيمن جا ٽينڊر 28، 29 ۽ 30 جولاءِ تي ڪاميابي سان کولي ويندا، جنهن کانپوءِ ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ عملي طور ڪم شروع ڪيو ويندو. وفاقي حڪومت هي رقم پبلڪ سيڪٽر ڊيولپمينٽ پروگرام (PSDP) جي مد ۾ فراهم ڪري رهي آهي. ذريعن موجب، وزيراعظم شهباز شريف ايم ڪيو ايم پاڪستان جي مطالبن تي سال 2023-24ع دوران قومي اسمبلي ميمبرن جي تجويز ڪيل اسڪيمن لاءِ هن پيڪيج جو اعلان ڪيو هو. حڪومت رقم اڳ ئي پي آئي ڊي سي ايل جي اڪائونٽ ۾ منتقل ڪري ڇڏي هئي، پر اڪنيڪ (ECNEC) سميت مختلف فورمز تان منظوري ۽ ٻين سرڪاري مرحلن سبب دير ٿي.مليل تفصيلن موجب هنن اسڪيمن ۾ ٻنهي شهرن جي اندرين روڊن، گهٽين جي تعمير، پيور بلاڪس لڳائڻ، اسٽريٽ لائٽس لڳائڻ، پاڻي ۽ سيوريج جي نئين لائنن وڇائڻ وارا ڪم شامل آهن. ڪراچي جي بلديه ٽائون واري علائقي ۾ پاڻي جي کوٽ کي ختم ڪرڻ لاءِ 5، 5 لک گيلن گنجائش وارا 2 وڏا انڊر گرائونڊ واٽر ٽانڪا پڻ تعمير ڪيا ويندا. ان کان علاوه ڪراچي ۽ حيدرآباد جي ڪجهه مخصوص سرڪاري اسپتالن کي جديد طبي مشينري ۽ آلات پڻ ڏنا ويندا ته جيئن غريب مريضن جو علاج بهتر ٿي سگهي. پي آئي ڊي سي ايل اختيارين جو چوڻ آهي ته ٽينڊر عمل مڪمل ٿيڻ بعد پهرين مرحلي جا ڪم فوري طور تي زمين تي شروع ڪيا ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو