ڪشمير ڪاز کي ڪڏهن به نقصان پهچڻ نه ڏينداسين: عطا تارڙ

ڪشمير ڪاز کي ڪڏهن به نقصان پهچڻ نه ڏينداسين: عطا تارڙ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي وزيرِ اطلاعات عطا تارڙ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ڪشمير ڪاز کي ڪڏهن به نقصان پهچڻ نه ڏنو ويندو ۽ نه ئي ڪنهن کي ڌونس يا تشدد جي زور تي پنهنجي مرضي مڙهڻ جي اجازت ڏني ويندي. هن چيو ته ڪشميري عوام شرپسند عناصرن کي مڪمل طور تي مسترد ڪري ڇڏيو آهي، ڇاڪاڻ ته پرتشدد جٿي کي ڪشمير جي ترقي قابلِ قبول ناهي ۽ ڪالعدم جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي پرامن چونڊون برداشت نه ڪري سگهي آهي. عطا تارڙ وڌيڪ ٻڌايو ته پرتشدد جٿي جي ڪارڪنن وٽان منع ٿيل اسلحو برآمد ٿيو آهي، جن ڪامياب چونڊن کي تڪراري بڻائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي. هن چيو ته آزاد ڪشمير چونڊن ۾ سڀني جماعتن وڌي چڙهي حصو ورتو ۽ رڳو ميرپور ڊويزن ۾ 6 لک ووٽ ڪاسٽ ٿيا آهن. شرپسند عنصرن جو ڪارو چهرو دنيا ڏسي ورتو آهي ۽ حڪومتِ پاڪستان هن وقت آزاد ڪشمير حڪومت سان گڏ بيٺل آهي.
ايڪشن ڪميٽي جي تحريڪ حق ڏيارڻ جي نه پر حق ڦرڻ جي تحريڪ آهي، احتجاج جي آڙ ۾ دهشتگردي پئي ٿئي: طلال چوڌري
پريس ڪانفرنس ۾ گڏ موجود وفاقي وزيرِ مملڪت برائي داخلا طلال چوڌري سخت موقف اختيار ڪندي چيو ته جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي هيءَ تحريڪ عوام کي حق ڏيارڻ جي نه، پر کانئن حق ڇڪڻ جي تحريڪ آهي. هن چيو ته هن پرتشدد تحريڪ ۾ ملڪي ۽ پرڏيهي عناصر شامل آهن ۽ احتجاج جي آڙ ۾ دهشتگردي ڪئي پئي وڃي، ڇاڪاڻ ته عوامي احتجاجن ۾ ڪڏهن به هٿيار استعمال نه ٿيندا آهن.طلال چوڌري وڌيڪ چيو ته هي شرپسند ڪشميرين کان سندن ووٽ جو حق کڻڻ چاهين پيا، پر ڪشميري عوام ووٽ جي طاقت سان پنهنجو موقف واضح ڪري ڇڏيو آهي. هن واضح ڪيو ته عوام جي 38 مان 37 مطالبن کي حڪومت تسليم ڪري چڪي آهي، تنهن ڪري هن احتجاج جو ڪو به قانوني جواز ناهي. پرتشدد احتجاج ذريعي اليڪشن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ جڏهن هنن جٿن پنهنجا ناپاڪ عزائم ناڪام ٿيندي ڏٺا ته هو ملڪ ۾ فساد ۽ ڀڃ ڊاهه تي لهي آيا آهن، جن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو