اسلام آباد (بيورو رپورٽ): جمعيت علماءِ اسلام (جي يو آئي-ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان آزاد ڪشمير ۾ احتجاج ڪندڙ عوام مٿان فائرنگ، تشدد ۽ رياستي جبر جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي ان کي کليل دهشتگردي قرار ڏنو آهي. پنهنجي هڪ خصوصي بيان ۾ مولانا فضل الرحمان چيو ته طاقت جي نشي ۾ مدہوش قوتن پاران پنهنجي ئي نهتي عوام مٿان گوليون وسايون پيون وڃن، جنهن جي جيتري به مذمت ڪجي اها گهٽ آهي. هو هن ڏکئي وقت ۾ پنهنجي ڪشميري ڀائرن جي شانه بشانہ بيٺل آهن. مولانا فضل الرحمان سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اڄ ملڪ ۾ ڪشمير ڪاز کي مڪمل طور تي دفن ڪيو پيو وڃي. حڪومتي ۽ رياستي پاليسين خلاف پرامن احتجاج ڪرڻ عوام جو بنيادي آئيني حق آهي، پر هتي صورتحال اها آهي ته عوام کان پنهنجي حقن لاءِ آواز اٿارڻ جي اجازت به کسي وئي آهي. هن انڪشاف ڪيو ته اسان پهرين ڏينهن کان ڪوشش ڪئي ته معاملو هن حد تائين نه پهچي، پر رياستي ادارن ۽ حڪومت صورتحال کي سنجيدگي سان نه ورتو، جنهن ڪري اڄ ڪشميري عوام ڌاندلي سان ڀريل چونڊن کي مڪمل طور تي رد ڪري رستن تي نڪري آيو آهي. جي يو آئي جي سربراهه مولانا فضل الرحمان حڪومت ۽ انتظاميا کي سختي سان مخاطب ٿيندي چيو ته پنهنجا جائز حق گهرندڙ پنهنجي ئي ملڪ جي عوام کي آخر ڪيستائين ”پرڏيهي ايجنٽ“ قرار ڏئي سندن آواز کي دٻايو ويندو؟ هيءَ روش هاڻي بند ٿيڻ گهرجي.سندس چوڻ هو ته رياست کي فوري طور تي پنهنجو ظلم بند ڪرڻ گهرجي ۽ عوام کي قانوني ۽ جائز احتجاج ڪرڻ جو پورو حق ڏنو وڃي. مولانا فضل الرحمان آزاد ڪشمير جي واقعن ۾ شهيد ٿيندڙن جي درجات جي بلندي لاءِ خصوصي دعا ڪئي ۽ صدمي ۾ مبتلا لواحقين سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي چيو ته هن ڏک ۾ پوري قوم کين اڪيلو نه ڇڏيندي. پهرين مرحلي جي چونڊن کانپوءِ مولانا فضل الرحمان جي هن بيان شوبز ۽ سياسي حلقن ۾ هڪ نئين بحث کي جنم ڏئي ڇڏيو آهي.










