اسلام آباد (بيورو رپورٽ) موسميات کاتي ملڪ جي مختلف حصن ۾ اڄ تيز هوائن، گجگوڙ ۽ برسات جي اڳڪٿي ڪندي ڪجهه علائقن ۾ گجگوڙ سان برسات ۽ ٻوڏ جهڙي صورتحال بابت به خبردار ڪيو آهي.موسميات کاتي موجب، سنڌ، پنجاب، خيبرپختونخوا، بلوچستان، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جي مختلف علائقن ۾ اڄ تيز هوائن سان گڏ گجگوڙ ۽ برسات جو امڪان آهي. کاتي موجب، ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، ميرپورخاص ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڪٿي ڪٿي گجگوڙ سان برسات ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته ڪراچي ۾ به اڄ هلڪي برسات يا بوندا باندي جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. موسميات کاتي ڊيره غازي خان ۽ اتر اوڀر بلوچستان ۾ به گجگجوڙ سان برسات جي اڳڪٿي ڪندي خبردار ڪيو آهي ته تيز وسڪاري سبب ندي نالن ۾ چاڙهه اچڻ جو خدشو موجود آهي، تنهن ڪري لاڳاپيل ادارن ۽ شهرين کي احتياط ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.










