ڪراچي: پوليس ۽ ڦورن ۾ مقابلو، 1 ڦورو  مارجي ويو، 2 اهلڪار زخمي

ڪراچي: پوليس ۽ ڦورن ۾ مقابلو، 1 ڦورو مارجي ويو، 2 اهلڪار زخمي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): شهرِ قائد جي علائقي رضويہ سوسائٽي پيتل گلي ۾ مددگار 15 جي گشتي عملي ۽ مبينا ڌاڙيلن جي وچ ۾ خوفناڪ فائرنگ جو تبادلو ٿيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ مبينا ڌاڙيل مارجي ويو آهي جڏهن ته 2 پوليس اهلڪار گوليون لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيا آهن. پوليس اختيارين موجب، مددگار 15 جي اهلڪارن شڪي جوابدارن کي بيهڻ جو اشارو ڪيو ته کين ڏسي جوابدارن سڌي فائرنگ ڪري ڏني. گوليون لڳڻ ڪري پوليس اهلڪار سهيل ۽ امتياز شديد زخمي ٿي پيا، جن مان هڪ کي چهرن تي ۽ ٻئي کي ڪنڌيءَ (ڪلهي) تي گولي لڳي آهي. پوليس جي جوابي ڪارروائي ۾ هڪ مبينا ڌاڙيل ٿڏي تي مارجي ويو، جڏهن ته سندس ٻيو ساٿي اونداهيءَ جو فائدو وٺندي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. زخمي اهلڪارن ۽ مارجي ويل ڌاڙيل جي لاش کي فوري طور اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. هوڏانهن آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو واقعي جو نوٽيس وٺندي بهادري ڏيکاريندڙ ٻنهي اهلڪارن لاءِ نقد انعام جو اعلان ڪيو آهي ۽ فرار جوابدار جي گرفتاري لاءِ ناڪابندي جا حڪم ڏنا آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو