ايندڙ چونڊن ۾ عوام  تير جو ساٿ ڏئي شير کي شڪست ڏيندو

ايندڙ چونڊن ۾ عوام تير جو ساٿ ڏئي شير کي شڪست ڏيندو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري دعويٰ ڪئي آهي ته ايندڙ عام چونڊن ۾ ملڪ جو عوام هڪ ڀيرو ٻيهر تير جو ساٿ ڏيندو ۽ شير کي عبرتناڪ شڪست کي منهن ڏيڻو پوندو. پنهنجي هڪ وڊيو پيغام ۾ پي پي چيئرمين چيو ته ڪشمور هجي يا ڪشمير، ميرپور هجي يا ميرپورخاص، عوام پنهنجي حڪمراني ۽ مالڪي جي حق تي ڪنهن کي به ڊاڪو هڻڻ جي اجازت نه ڏيندو.مسلم ليگ (ن) جي قائد تي تنقيد ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مائين نواز شريف صاحب برا نه مڃي، پر ڪشمور ۽ ڪشمير توڙي ميرپور ۽ ميرپورخاص رڳو نالن ۾ هڪ جهڙا ناهن، پر اتان جي عوام جو مزاج، غيرت ۽ پنهنجن حقوقن لاءِ ڌرتي تي دڳ ڄمائي بيهڻ جو جذبو به هڪ جهڙو آهي. هن چيو ته هي غيور عوام پنهنجي حقن جو سودو ڪرڻ لاءِ تيار ناهي ۽ پنهنجي مستقبل جو فيصلو پاڻ ڪرڻ چاهي ٿو، هو پنهنجي تقدير جو اختيار ڪنهن ٻئي شهر يا صوبي کي نه ڏيندا. بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته جنهن طريقي سان گذريل چونڊن ۾ ڪشمير ۽ ڪشمور جي عوام نون ليگ کي رد ڪيو هو ۽ ميرپور توڙي ميرپورخاص مان ن ليگ جو صفايو ٿيو هو، اڳتي به عوام اهو ئي تاريخي فيصلو ورجائيندو ۽ ميرپور جا ماڻهو تير سان شير جو شڪار ڪندا.

پهنجو تبصرو موڪليو