تڪراري بيان، اين سي سي آءِ اي پاران نورين نيازي کي طلب

تڪراري بيان، اين سي سي آءِ اي پاران نورين نيازي کي طلب

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي (NCCIA) پي ٽي آءِ جي باني عمران خان جي ڀيڻ نورين نيازي کي طلبي جو نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي. اين سي سي آءِ اي پاران نورين نيازي کي 20 جولاءِ تي ڏينهن جو 12 وڳي اسلام آباد ۾ طلب ڪيو ويو آهي. جاري ڪيل نوٽيس موجب، سوشل ميڊيا تي ادارن خلاف ڪوڙن ۽ تذليل جوڳن بيانن جي تشهير ڪئي وئي. نوٽيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جيڪڏهن هوءَ پيش نه ٿي ته اها ڳالهه سمجهي ويندي ته وٽس صفائي (دفاع) ۾ پيش ڪرڻ لاءِ ڪجهه به ناهي.

پهنجو تبصرو موڪليو