اسلام آباد(بيورو رپورٽ) آمريڪا ايران تڪرار سبب توانائي جو وڏو بحران ٻيهر جنم وٺي رهيو آهي ۽ خام تيل 87 ڊالر جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته ڊبليو ٽي آءِ 80 ڊالر في بيرل کان وڌي ويو آهي.اڱاري واري ڏينهن عالمي مالياتي منڊين ۾ شديد هلچل ڏسڻ ۾ آئي، ڇاڪاڻ ته آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ٻيهر شروع ٿيندڙ فوجي جهڙپن وچ اوڀر (مڊل ايسٽ) کان تيل جي فراهمي ۾ رڪاوٽ جي خدشن کي وڌائي ڇڏيو آهي. تازيون جهڙپون ٿيڻ ڪري خام تيل جي قيمتن ۾ نمايان اضافو ٿيو، جڏهن ته دنيا جي وڏن اسٽاڪ مارڪيٽن ۾ مختلف قسمن جا ردعمل سامهون آيا آهن. برينٽ خام تيل جي قيمت لڳ ڀڳ 86 کان 87 آمريڪي ڊالر في بيرل تائين پهچي وئي آهي، جڏهن ته آمريڪي بينچ مارڪ ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيئيٽ (WTI) جي قيمت 80 آمريڪي ڊالر في بيرل کان وڌي وئي آهي. گذريل ڏينهن ٻنهي تيل جي قسمن جي قيمتن ۾ لڳ ڀڳ 3 کان 4 سيڪڙو تائين اضافو رڪارڊ ڪيو ويو، ان واڌ جي ڪري برينٽ تيل جي قيمت لڳ ڀڳ هڪ مهيني جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي.










