اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ نائب وزيراعظم توڙي پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ ۾ پرڏيهي وزارت جي آفيس ۾ اهم ملاقات ٿي، جنهن دوران ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال، قومي معاملن ۽ پرڏيهي پاليسي بابت تفصيلي خيال ونڊيا ويا.ملاقات ۾ خاص طور تي گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي موجوده صورتحال، ترقياتي معاملن ۽ سياسي پيش رفت تي غور ڪيو ويو. ان سان گڏ عالمي منظرنامي ۾ پاڪستان جي موقف، علائقائي امن، سفارتي لاڳاپن ۽ بين الاقوامي معاملن تي پاڪستان جي پاليسي بابت پڻ تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.ٻنهي اڳواڻن قومي مفادن جي تحفظ، سياسي هم آهنگي ۽ اهم قومي معاملن تي گڏيل مشاورت جاري رکڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو.










