شهيد سپريم ليڊر جي جنازي نمازِ ادا، جان نشين کانسواءِ سندس 3 ڀائر شريڪ

شهيد سپريم ليڊر جي جنازي نمازِ ادا، جان نشين کانسواءِ سندس 3 ڀائر شريڪ

تهران (ويب ڊيسڪ) تهران ۾ شهيد ايراني سپريم ليڊر آيت الله سيد علي خامنه اي، سندس ڌيءَ بشريٰ، پوٽي زهره محمدي، ناٺي مصباح الهديٰ ۽ مجتبيٰ خامنه اي جي گهرواري زهره حداد عادل جي لکين آلين اکين سان جنازي نماز ادا ڪئي وئي. ايراني ميڊيا موجب آيت الله جعفر سبحاني شهيد ايراني سپريم ليڊر جي جنازي نماز  پڙهائي.  جنازي نماز ۾ ايراني صدر مسعود پزشڪيان، اسپيڪر باقر قاليباف، آءِ آر جي سي جي سربراهه برگيڊيئر جنرل احمد وحيدي، سپريم ليڊر جي ٽن پٽن مصطفيٰ، ميثم ۽ مسعود سميت ٻين سرڪاري اختيارين سميت عوام جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. جڏهن ته سندس جانشين سمجهيو ويندڙ ۽ ٻيو نمبر پٽ مجتبيٰ، جيڪو فيبروري کان پوءِ عوامي سطح تي نظر نه آيو آهي، تقريب ۾ موجود نه هو. جنازي جي نماز کان اڳ تقريب جي نظامت ڪندڙ شاعر محمد رسولي پنهنجي تقرير دوران ماڻهن کان “آمريڪا مرده باد” ۽ “اسرائيل مرده باد” جا نعرا هڻايا. لائوڊ اسپيڪرن ذريعي ميڙ کي خطاب ڪندي رسولي، ٽرمپ ڏانهن اشارو ڪندي، سوال ڪيو: “دنيا جو سڀ کان وڏو حرامي ماڻهو اڃا تائين زنده ڇو آهي؟” ان سوال تي ميڙ مان زوردار نعرا ۽ تاڙيون وڳيون. ميڙ مان ٽرمپ ۽ نيتن ياهو کي ختم ڪرڻ جا مطالبا به ٿيندا رهيا.

بندر عباس هوائي اڏو 4 مهينن بعد اڏامن لاءِ بحال

ايران جي ڏاکڻي حصي ۾ واقع بندر عباس بين الاقوامي هوائي اڏي تي چئن مهينن جي بندش کان پوءِ تجارتي اڏامن جي ٻيهر شروعات ٿي وئي آهي. فارس نيوز ايجنسي موجب، مشهد کان ايندڙ پهرين مسافر اڏام ڇنڇر جي منجهند بندر عباس پهتي. بندر عباس، هرمزگان صوبي جو گاديءَ وارو شهر آهي، جيڪو آبنائي هرمز تي تهران کان لڳ ڀڳ هڪ هزار ڪلوميٽر (621 ميل) ڏکڻ ۾ واقع آهي. آمريڪا ۽ اسرائيل جي بمباري دوران ٿيل نقصان کان پوءِ هوائي اڏي کي مرمت ۽ نئين سر تعمير لاءِ بند ڪيو ويو هو. اختيارين موجب، ايندڙ ڪجهه ڏينهن دوران تهران، شيراز ۽ يزد ڏانهن اڏامن کي به تدريجي طور بحال ڪيو ويندو.

اسرائيلي ڪاررواين تي عالمي خاموشي انتهائي افسوسناڪ آهي: ايراني صدر

ايراني صدر مسعود پزشڪيان اسرائيل پاران خطي جي مختلف ملڪن ۾ ڪيل ڪاررواين تي عالمي برادري جي خاموشي تي سخت تنقيد ڪئي آهي. ايراني صدر چيو ته عالمي برادري اسرائيل کي خطي جي ڪيترن ئي ملڪن تي حملن ۽ وچ اوڀر (مشرقِ وسطيٰ) ۾ امن امان جي صورتحال خراب ڪرڻ کان روڪڻ ۾ ناڪام رهي آهي. مسعود پزشڪيان جو چوڻ هو ته ايران جي نئين قيادت تي اسلامي دنيا جي اتحاد کي مضبوط بڻائڻ ۽ مسلم ملڪن جي وچ ۾ يڪجهتي کي هٿي ڏيڻ جي وڏي ذميواري آهي. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته ايران خطي ۾ سهڪار، اتحاد ۽ گڏيل هم آهنگي کي وڌائڻ لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو.

جيڪڏهن چاهيون ها ته آيت الله خامنئي جي نمازِ جنازا ۾ شريڪ سمورن ماڻهن کي ختم ڪري سگهون پيا: آمريڪي صدر

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته هو ايراني عوام پاران آيت الله علي خامنئي لاءِ جذباتي اظهار ڏسي حيران ٿي ويو.آمريڪي نيوز ويب سائيٽ “ايڪسيوس” جي صحافي سان ڳالهائيندي صدر ٽرمپ خامنئي جي آخري رسمن ۾ عوام جي وڏي انگ تي ردعمل ڏيندي چيو ته عوام کي خامنئي لاءِ روئيندي ڏسي حيران آهيان، سمجهندو هئس ته ايراني کانئس نفرت ڪن ٿا. آمريڪي صدر چيو ته جيڪڏهن چاهيون ها ته خامنئي جي جنازي ۾ موجود سمورن ماڻهن کي نشانو بڻائي سگهون ٿي، پر هو ائين نه ڪندا ڇاڪاڻ ته ان صورت ۾ ڳالهين (مذاڪرات) لاءِ ڪو به ڌر باقي نه رهندي. آمريڪي صدر جو چوڻ هو ته ايران ۽ آمريڪا گڏيل اتفاق سان ڳالهين ۾ عارضي وقفو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ايران سان اسٽريٽجڪ ڀائيواري جاري رکڻ لاءِ تيار آهيون: روس

روس جي سلامتي ڪائونسل جي نائب چيئرمين ڊمتري ميدويديوف چيو آهي ته روس ايران سان پنهنجي اسٽريٽجڪ ڀائيواري (شراڪت داري) جاري رکڻ لاءِ تيار آهي. روسي خبرون ڏيندڙ ذريعن موجب ڊمتري ميدويديوف ايراني نيوز ايجنسي “تسنيم” سان ڳالهائيندي چيو ته جنگ دوران هرمز واري ٻيٽ ڌارِي (آبنائي هرمز) ايران کي غير معمولي برتري ڏني. هن چيو ته روس ۽ ايران جي وچ ۾ سهڪار ٻنهي ملڪن جي مفادن موجب جاري رهندو

جنگ بندي معاهدي جي ڀڃڪڙي تي آمريڪا کي فيصلو ڪندڙ جواب ڏنو ويندو: ايراني قائم مقام وزير دفاع

ايران جي قائم مقام وزير دفاع ميجر مجيد ابن الرضا خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا پاران جنگ بندي بابت مفاهمتي ياداشت جي ڀڃڪڙي (خلاف ورزي) ڪئي وئي ته ايران ان جو فيصلو ڪندڙ جواب ڏيندو.ايراني سرڪاري ميڊيا موجب قائم مقام وزير دفاع چيو ته ايران آمريڪا تي بي اعتمادي جي باوجود خطي جي ملڪن جي درخواست تي جنگ بندي جي معاهدي تي صحيحون ڪيون هيون.ايراني خبرون ڏيندڙ اداري موجب ميجر مجيد ابن الرضا جو چوڻ هو ته تهران پنهنجن واعدن تي قائم آهي، پر جيڪڏهن مفاهمتي ياداشت تحت ڪيل واعدن جي ڀڃڪڙي ٿي ته ايران مناسب ۽ فيصلو ڪندڙ ردعمل ڏيندو. هن وڌيڪ چيو ته جنگ بندي جو فيصلو خطي ۾ استحڪام برقرار رکڻ ۽ علائقائي ملڪن جي خواهش کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو، پر ايران پنهنجي سلامتي ۽ قومي مفادن جي تحفظ لاءِ هر ضروري قدم کڻندو.

چين ۽ دوست ملڪن کي آبنائي هرمز ۾ خاص سهولت ڏني ويندي: ايراني سفير

چين ۾ مقرر ايراني سفير عبدالرضا رحماني فضلي چيو آهي ته چين ۽ ٻين دوست ملڪن کي آبنائي هرمز ۾ خاص سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ نئون نظام متعارف ڪرايو ويندو. ايراني سفير بيجنگ ۾ منعقد ڪيل “ورلڊ پيس فورم” کي خطاب ڪندي چيو ته اهو نظام عمان سان گڏجي لاڳو ڪيو ويندو ته جيئن چين ۽ ٻين دوست ملڪن جي آبنائي هرمز تان اچ وڃ کي آسان بڻائي سگهجي. هن ٻڌايو ته نئين انتظام تحت آبنائي هرمز تان گذرندڙ جهازن تي فيس به لاڳو ڪئي ويندي. عبدالرضا رحماني فضلي جو چوڻ هو ته ان فيس جو نفاذ بين الاقوامي بحري قانونن جي خلاف نه هوندو.

آمريڪا ۽ ايران ۾ ڳالهين جو ٻيو دور 11 جولاءِ تي پاڪستان ۾ ٿيڻ جو امڪان

العربيه دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ڳالهيون جو ٻيو دور 11 جولاءِ تي پاڪستان ۾ ٿيڻ جو امڪان آهي.العربيه جي رپورٽ موجب آئنده ٿيندڙ ڳالهين ۾ ايران تي لڳايل پابندين، منجمد ايراني فنڊز ۽ ايٽمي پروگرام بابت معاملن تي ڳالهيون ٿينديون. ايراني وفد جو فيصلو آيت الله خامنائي جي تدفين کان پوءِ ڪيو ويندو.ٻئي طرف آمريڪي اخبار نيويارڪ ٽائمز دعويٰ ڪئي آهي ته صدر مسعود پزشڪيان مجتبيٰ خامنائي کي واشنگٽن سان ڳالهين تي راضي ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.صدر پزشڪيان معاهدي تي صحيحن کان اڳ مجتبيٰ خامنائي کي ٻڌايو ته بحري ناڪه بندي ايران کي مفلوج ڪري رهي آهي، گورنر ايراني مرڪزي بينڪ خبردار ڪيو هو ته جيڪڏهن محاصرو جاري رهيو ته آگسٽ جي آخر تائين خوراڪ ۽ دوائون ختم ٿي وينديون.صدر پزشڪيان اهو به چيو ته جيڪڏهن آمريڪا سان معاهدو رد ڪيو ويو ته هو پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندو. مجتبيٰ خامنائي  چيو ته جيڪڏهن سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪونسل معاهدي جي حمايت ڪري ته هو انهي کي قبول ڪندو. ايراني سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪونسل به ڳري اڪثريت سان انهي منصوبي جي منظوري ڏني.ياد رهي ته ايران ۾ اڳوڻي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنائي جي تدفين واريون تقريبون جاري آهن جنهن ۾ گذريل ڏينهن پاڪستان جي وفد وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ شرڪت ڪئي، وزيراعظم ايران کان سڌو ترڪيه لاءِ روانو ٿيو  جڏهن ته فيلڊ مارشل پاڪستان واپس پهتو.

آخري رسمون، موسيقي ۽ قرآني آيتن جا سوشل ميڊيا تي چرچا

ايران جي مرحوم سپريم ليڊر جون آخري رسمون جاري آهن. سوشل ميڊيا تي مختلف تعزيتي وفدن جي آمد جي موقعي تي موسيقي جون مختلف ڪلپس ۽ قرآني آيتن جي تلاوت جون ڪلپ پڻ وڄايون ويون. جنهن بابت وڏو بحث هلي رهيو آهي.ايراني سرڪاري خبرون ڏيندڙ اداري ارنا موجب، علي خامنه اي جي آخري رسمن لاءِ “شهيد ليڊر” جي عنوان سان هڪ باضابطه موسيقيءَ جو مجموعو تيار ڪيو ويو آهي، جنهن کي ايراني فنڪار امير حسين سميعي ترتيب ڏنو آهي. هي موسيقي ڇهن حصن تي ٻڌل آهي، جن جا نالا “امر ٿي وڃڻ”، “سفر”، “پيءُ”، “ٻيهر جياريو وڃڻ”، “جدائي” ۽ “الوداع” رکيا ويا آهن. ارنا موجب، موسيقيءَ جا اهي سڀئي حصا آخري رسمن جي الڳ الڳ تقريبن جي مناسبت سان تيار ڪيا ويا آهن. ڇا هر سرڪاري وفد لاءِ الڳ قرآني آيتن جي چونڊ ڪئي وئي هئي؟انهن تقريبن بابت شايد اهو ئي سوال سوشل ميڊيا تي سڀ کان وڌيڪ پڇيو ويو. ڪيترن ئي صارفين ڏٺو ته جڏهن ڪجهه سرڪاري وفد تعزيت لاءِ هال ۾ پهتا ته ان وقت قرآن پاڪ جون آيتون تلاوت ڪيون ويون. پر بظاهر ائين لڳو ته هر وفد لاءِ مختلف آيتون چونڊيون ويون هيون. ڪيترن ماڻهن اهو سوال اٿاريو ته ڇا هر وفد لاءِ چونڊيل آيتن جي پويان ڪو خاص سبب يا پيغام موجود هو. رسالي المالڪي مختلف وفدن جي آمد دوران پڙهيل آيتن جي فهرست شيئر ڪندي دعويٰ ڪئي ته اهي آيتون اتفاقي طور نه چونڊيون ويون هيون، پر وڏي احتياط سان چونڊيون ويون هيون. جڏهن سعودي وفد هال ۾ داخل ٿيو ته ان وقت سوره آل عمران جي آيت نمبر 13 جي تلاوت ڪئي وئي، جنهن ۾ ٻن گروهن جو ذڪر آهي، جن مان هڪ الله جي راهه ۾ وڙهندڙ ۽ ٻيو ڪافرن جو گروهه آهي. ان آيت ۾ مسلمانن لاءِ الله جي مدد جو پڻ ذڪر آهي. جڏهن قطر جو وفد، جيڪو شوريٰ ڪائونسل جي اسپيڪر حسن بن عبدالله الغنيم جي اڳواڻي ۾ هو، تعزيت لاءِ هال ۾ پهتو ته ان وقت سوره الفتح جي ٻي آيت پڙهي وئي، جنهن ۾ الله تعاليٰ طرفان اڳين ۽ پوين گناهن جي معافي ۽ سڌي واٽ ڏيکارڻ جو ذڪر آهي. ترڪ وفد جي آمد تي سوره النساء جي آيت نمبر 95 جو هڪ حصو پڙهيو ويو، جنهن ۾ الله جي راهه ۾ جهاد ڪندڙن کي ٻين کان وڌيڪ فضيلت وارو قرار ڏنو ويو آهي. جڏهن حماس جو وفد تعزيت لاءِ آيو ته سوره الاحزاب جي آيت نمبر 23 پڙهي وئي، جنهن ۾ انهن ماڻهن جو ذڪر آهي، جن پنهنجي عهد کي سچو ثابت ڪيو ۽ انهن جو به، جيڪي اڃا انتظار ۾ آهن. جڏهن لبناني حزب الله جو وفد هال ۾ داخل ٿيو ته ان موقعي تي سوره المائده جي آيت نمبر 56 جي تلاوت ڪئي وئي، جنهن ۾ الله جي جماعت جي غالب اچڻ جو ذڪر آهي. ٻئي طرف ڪيترائي صارف ان ڳالهه کي رد ڪندي به نظر آيا ته هر وفد جي آمد وقت پڙهيل آيتن جي چونڊ جو ڪو خاص مقصد هو. نجاح محمد علي هر وفد لاءِ مخصوص آيتون پڙهڻ واري دعويٰ کي “ڪوڙو الزام” قرار ڏيندي چيو ته “ايران پنهنجن مهمانن جو احترام ڪري ٿو ۽ اهڙو عمل نٿو ڪري.واضح رهي ته ايراني اختيارين طرفان انهن آيتن جي چونڊ جي طريقيڪار بابت اڃا تائين ڪا سرڪاري وضاحت جاري ناهي ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو