استنبول: (ويب ڊيسڪ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته بدلجندڙ عالمي صورتحال جي تناظر ۾ اقتصادي ڀائيواريءَ کي وسعت ڏيڻ وقت جي ضرورت آهي.نائب وزيراعظم اسحاق ڊار بي ٽو بي (B2B) ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه هميشه هڪ ٻئي جو ڀرپور ساٿ ڏنو آهي، ٻنهي ملڪن جي قيادت ۽ عوام جي وچ ۾ اعتماد جو رشتو اسان جو اثاثو آهي، ڪاروبار دوست ماحول فراهم ڪرڻ اسان جي ترجيح آهي. هن چيو ته بدلجندڙ عالمي منظرنامي ۾ اقتصادي تعاون جي رخ ۾ به تبديلي آئي آهي، موجوده دور جي سفارتڪاريءَ ۾ معيشت به انتهائي اهم جزو آهي. اسحاق ڊار جو وڌيڪ چوڻ هو ته واپار ۽ سيڙپڪاريءَ ۾ واڌ لاءِ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون، آءِ ٽي (IT)، کاڻين جي کوٽائي (مائيننگ)، توانائي سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاريءَ جو خيرمقدم ڪنداسين.










