ڪراچي(ويب ڊيسڪ)آمريڪا ۾ ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي پرائمري چونڊن ۾ کاٻي ڌر سان لاڳاپيل سوشلسٽ ڊيموڪريٽ اميدوارن جي لڳاتار ڪاميابين اسرائيلي ميڊيا ۽ اسرائيل جي حمايت ڪندڙ سياسي حلقن ۾ وڏي ڳڻتي پيدا ڪري ڇڏي آهي. تبصرو ڪندڙن خبردار ڪيو آهي ته هاڻي آمريڪي سياست ۾ اسرائيل جي حمايت ڪرڻ لازمي طور تي “سياسي ڪاميابي جي ضمانت” نه رهيو آهي.
اڱاري ڏينهن ڪولوراڊو جي پرائمري چونڊن ۾ جمهوري سوشلسٽ اميدوار ميلٽ ڪيروس (Melat Kiros)، اسرائيل جي حمايتي ۽ 15 ڀيرا چونڊجي آيل آمريڪي ايوانِ نمائندگان جي ميمبر ڊائنا ڊيگيٽ (Diana DeGette) کي شڪست ڏئي وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي.
هي ڪاميابي انهن ڪيترن ئي اميدوارن جي ڪاميابين جي سلسلي جو حصو آهي، جن آمريڪي سياست تي اسرائيل جي اثر رسوخ کي چئلينج ڪيو، غزه ۾ جاري نسل ڪشي جي مخالفت ڪئي ۽ اسرائيل کي نسلي امتياز تي ٻڌل رياست (Apartheid State) قرار ڏنو.
ڪيروس جي ڪاميابي کان اڳ، نيويارڪ جي ميئر ظهران ممداني جي حمايت حاصل ڪندڙ ٽن جمهوري سوشلسٽ اميدوارن به پرائمري چونڊون کٽيون. ان کان علاوه فلاڊيلفيا ۾ ڪانگريس جي پرائمري چونڊ ۽ واشنگٽن ڊي سي جي ميئر لاءِ ڊيموڪريٽڪ پرائمري ۾ به اهڙن اميدوارن کي ڪاميابي ملي.
ڊيموڪريٽڪ سوشلسٽ ڪير آهن؟
ڊيموڪريٽڪ سوشلسٽ آمريڪي کاٻي ڌر جو هڪ سياسي ڌڙو آهي، جيڪو گهڻو ڪري ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي پرائمري چونڊن ۾ پنهنجا اميدوار بيهاريندو آهي. تازن سالن ۾ هي ڌڙو آمريڪي کاٻي ڌر اندر هڪ طاقتور سياسي قوت طور اڀري رهيو آهي.
اسرائيلي ميڊيا جي نظر ۾ هي رڳو آمريڪي سياست جو معاملو ناهي اسرائيلي اخبارن ۽ ميڊيا انهن نتيجن کي صرف آمريڪا جي گهريلو سياست جو معاملو نه سمجهيو آهي.
انهن جي نظر ۾ اهي نتيجا ان ڳالهه جو هڪ وڌيڪ ثبوت آهن ته خاص طور تي غزه، لبنان، شام ۽ ايران خلاف اسرائيل جي جنگين کان پوءِ آمريڪا، خاص ڪري ڊيموڪريٽ ووٽرن ۾، اسرائيل جي مقبوليت تيزي سان گهٽجي رهي آهي.
‘دي يروشلم پوسٽ’ جو خبردار ڪندڙ ايڊيٽوريل
خميس ڏينهن شايع ٿيل پنهنجي اداريي ۾ دي يروشلم پوسٽ جنهن جي مالڪ جا اسرائيلي وزيراعظم بنيامين نيتن ياهو سان ويجها لاڳاپا رهيا آهن ــ خبردار ڪيو ته ڊيموڪريٽڪ پارٽي آهستي آهستي اسرائيل کان وڌيڪ پري ٿيندي پئي وڃي.
اداريي ۾ چيو ويو: “ڪنهن سوچيو به نه هو ته هڪ ڏينهن اسان کي اهي ڏينهن ڏسڻا پوندا. جڏهن آمريڪي ڪانگريس ۾ اسرائيل مخالف ‘اسڪواڊ ‘ جا 4 کان مٿي ميمبر هوندا؟”
“دي اسڪواڊ ” آمريڪي ڪانگريس ۾ ترقي پسند ڊيموڪريٽ ميمبرن جو هڪ گروپ آهي، جنهن ۾ شروعاتي طور اليگزينڊريا اوڪاسيو-ڪورٽيز، الهان عمر، آيانا پريسلي ۽ رشيده طليب شامل هيون.
هي گروپ صحت جي عالمي سهولتن، موسمياتي انصاف، نسلي برابري ۽ فلسطينين جي حقن بابت ڊيموڪريٽڪ پارٽي کي وڌيڪ کاٻي ڌر ڏانهن آڻڻ جي ڪوششن سبب مشهور ٿيو.
نوان اميدوار ڪهڙي ايجنڊا تي چونڊ وڙهيا؟
تازو ڪامياب ٿيندڙ ڪيترن ئي سندن هم خيال اميدوارن پنهنجي چونڊ مهم دوران اهڙا منشور پيش ڪيا، جن ۾ هي مطالبا شامل هئا: سڀني لاءِ عالمي صحت جون سهولتون، هر شهري لاءِ بنيادي آمدني، سرڪاري ملڪيت هيٺ هلندڙ گراسري اسٽور، اسرائيل لاءِ آمريڪي فوجي امداد جو خاتمو، غزه ۾ جاري نسل ڪشي کي روڪرائڻ، اسرائيل کي نسلي امتيازي رياست طور تسليم ڪرڻ شامل آهن.
“هي اسرائيل لاءِ مسئلو آهي”
دي يروشلم پوسٽ پنهنجي اداريي ۾ تازين چونڊ نتيجن کي “اسرائيل لاءِ هڪ وڏو مسئلو” قرار ڏنو. اخبار موجب اصل خطرو صرف انهن اميدوارن جي چونڊجڻ ۾ ناهي، پر ان ڳالهه ۾ آهي ته: “اهي اڳ ئي ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي ترجيحن کي تبديل ڪري رهيا آهن، اسرائيل بابت ڊيموڪريٽ سياستدانن جي سوچ بدلائي رهيا آهن، ۽ اسرائيل تي ٿيندڙ سياسي بحث جو رخ به تبديل ڪري رهيا آهن.”
“نئين نسل اسرائيل کان منهن موڙي ڇڏيو آهي”
دي ٽائيمز آف اسرائيل پڻ انهن نتيجن کي اسرائيل جي سياسي ۽ ميڊيا حلقن لاءِ وڌندڙ پريشاني جي علامت قرار ڏنو. اخبار جي هڪ ليکڪ نيويارڪ ۾ جمهوري سوشلسٽ اميدوارن جي تازي ڪاميابين کي “خبردار ڪندڙ مثال” قرار ڏيندي انهن جو مقابلو 1917ع جي روسي انقلاب سان ڪيو، جنهن کان پوءِ سوويت يونين وجود ۾ آئي هئي.
ساڳئي اخبار جي هڪ ٻئي ليکڪ لکيو: “انهن شاندار ڪاميابين مان ظاهر ٿئي ٿو ته ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي هڪ نئين نسل اسرائيل کان منهن موڙي ڇڏيو آهي.”
سروي ڇا ٻڌائين ٿا؟
اهي نتيجا آمريڪي عوام جي راءِ ۾ ايندڙ وڏي تبديليءَ جي به عڪاسي ڪن ٿا. پيو ريسرچ سينٽر جي سروي مطابق لڳ ڀڳ 80 سيڪڙو ڊيموڪريٽ ۽ آزاد حيثيت رکندڙ ووٽر اسرائيل بابت تنقيدي راءِ رکن ٿا. يعني، ڊيموڪريٽ ووٽرن ۾ اسرائيل جي حمايت گذريل ڪجهه سالن دوران نمايان طور گهٽجي وئي آهي. آمريڪا اسرائيل جي “تمام گهڻي” حمايت ڪري رهيو آهي؟
24 جون تي جاري ٿيل ڪوئنيپياڪ يونيورسٽي جي سروي مطابق: 48 سيڪڙو آمريڪي ووٽرن جو خيال آهي ته آمريڪا اسرائيل جي تمام گهڻي حمايت ڪري رهيو آهي. 38 سيڪڙو جو چوڻ آهي ته موجوده حمايت مناسب آهي. جڏهن ته صرف 7 سيڪڙو ووٽرن جو خيال آهي ته واشنگٽن کي اسرائيل جي وڌيڪ حمايت ڪرڻ گهرجي.
يهودي ٽيليگرافڪ ايجنسي جي راءِ
جيوئش ٽيليگرافڪ ايجنسي جو چوڻ آهي ته نيويارڪ جي پرائمري چونڊن جا نتيجا، گذريل نومبر ۾ ظهران ممداني جي ميئر بڻجڻ کان به وڌيڪ وڏو سياسي زلزلو محسوس ٿيا.
ايجنسي لکيو: “هاڻي اسرائيل جي سخت مخالفت ڪرڻ ڊيموڪريٽڪ سياست ۾ ڪاميابي جي راهه ۾ رڪاوٽ ناهي رهي.” ان وڌيڪ چيو: “هي پهريون ڀيرو آهي جو آمريڪي ڪانگريس جا موجوده ميمبر اهڙين چونڊ مهمن ۾ پنهنجون سيٽون هارائي ويٺا آهن، جتي انهن تي بار بار اهو الزام لڳايو ويو ته هو اسرائيل جا حد کان وڌيڪ حامي آهن.” ايجنسي وڌيڪ چيو ته، ڀلي هر چونڊ ۾ مقامي مسئلا به اهم رهيا هجن، پر انهن اميدوارن جي ڪاميابي، جن آمريڪن اسرائيل پبلڪ افيئرز ڪميٽي (AIPAC) تي سخت تنقيد ڪئي، هڪ تمام مضبوط سياسي پيغام ڏنو آهي.
AIPAC تي تنقيد ۽ بدلجندڙ سياسي منظرنامو
اسرائيل نواز آن لائن اشاعتي اداري دي فري پريس، جنهن جو بنياد صحافي بيري وائس وڌو هو ۽ جيڪا هاڻي آمريڪي ٽي وي نيٽ ورڪ CBS News جي تڪراري ايڊيٽر اِن چيف طور پڻ سڃاتي وڃي ٿي، انهن چونڊ نتيجن کي ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي اندر هلندڙ وڏي سياسي ڇڪتاڻ جو حصو قرار ڏنو.
هن اداري موجب، هاڻي پارٽي اندر مقابلو هڪ پاسي اسرائيل جي حمايت ڪندڙ پراڻي قيادت ۽ ٻئي پاسي عوامي سطح تان اڀرندڙ کاٻي ڌر جي تحريڪ جي وچ ۾ آهي، جنهن کي هن “اسرائيل جي سخت مخالف” قرار ڏنو.
اسرائيل پاڻ پنهنجي مخالفن کي طاقت ڏئي رهيو آهي، هارٽز
اسرائيل جي مشهور اخبار هارٽز ۾ شايع ٿيل هڪ راءِ واري مضمون ۾ چيو ويو “نئين ميئر (ظهران ممداني) پنهنجي شهر جي سياست جو نقشو ئي بدلائي ڇڏيو آهي، ۽ ان عمل دوران اسرائيل نواز موجوده عهديدارن کي سياسي منظر تان هٽايو ويو.”
مضمون ۾ وڌيڪ چيو ويو ته انهن اسرائيل نواز اميدوارن خلاف استعمال ٿيل سياسي “هٿيارن” جو وڏو حصو دراصل “اسرائيل ۾ تيار ٿيل” هو. ليکڪ جو مطلب اهو هو ته غزه ۽ ٻين هنڌن تي اسرائيل جي پاليسين سبب پيدا ٿيل عالمي تنقيد ئي انهن اميدوارن لاءِ سياسي نقصان جو سبب بڻي.
آمريڪا-اسرائيل لاڳاپن بابت نئين سوچ
هارٽز جي هڪ ٻئي تجزئي ۾ چيو ويو ته اسرائيل تي تنقيد ڪندڙ ۽ آمريڪا-اسرائيل لاڳاپن ۾ موجوده پاليسين کي تبديل ڪرڻ جا مطالبا ڪندڙ ڊيموڪريٽ اميدوارن جون ڪاميابيون هاڻي ڪو غيرمعمولي واقعو نه رهيون آهن.
اخبار لکيو: “هاڻي اهي مطالبا ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي سياست جو هڪ باقاعده حصو بڻجي ويا آهن، نه ڪي ڪو استثنائي يا غيرمعمولي رجحان.” تجزيي ۾ وڌيڪ چيو ويو ته: “ڊيموڪريٽ ووٽر نه رڳو انهن اسرائيلي پاليسين کان بيزار ٿي چڪا آهن، جن جو دفاع AIPAC ڪندو رهيو آهي، پر هو ان ڳالهه کان به ناراض آهن ته AIPAC، اڪثر ريپبلڪن پارٽي جي وڏن چنديدارن جي مالي سهڪار سان، ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي پرائمري چونڊن تي وڏي پيماني تي اثرانداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.”
اشاري طور اهو چيو ويو ته ڪيترائي ڊيموڪريٽ ووٽر هاڻي نٿا چاهين ته ڪنهن ٻاهرين لابنگ تنظيم کي سندن پارٽي جي اميدوارن جي چونڊ تي ايترو وڏو اثر حاصل هجي.
اسرائيل لاءِ وڌندڙ سياسي چئلينج
مضمون مان مجموعي طور جيڪو تاثر سامهون اچي ٿو، اهو هي آهي ته آمريڪي ڊيموڪريٽڪ پارٽي، خاص ڪري نوجوان ووٽرن ۽ ترقي پسند ڌڙن ۾، اسرائيل بابت روايتي موقف تيزيءَ سان تبديل ٿي رهيو آهي.
اسرائيلي ميڊيا ۽ اسرائيل نواز سياسي حلقا ان تبديلي کي مستقبل لاءِ هڪ وڏو چئلينج سمجهي رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته انهن جي نظر ۾ هاڻي آمريڪي سياست ۾ اسرائيل جي غيرمشروط حمايت اڳ وانگر سياسي فائدي جي ضمانت نه رهي آهي.










