فٽبال ورلڊ ڪپ 2026 جو شيڊول ۽ مڪمل معلومات

فٽبال ورلڊ ڪپ 2026 جو شيڊول ۽ مڪمل معلومات

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)فٽبال جو عالمي ڪپ 2026 جو ايونٽ، جنهن جي گڏيل ميزباني ڪينيڊا، ميڪسيڪو ۽ آمريڪا ڪري رهيا آهن، مقابلي جي تاريخ جو سڀ کان وڏو عالمي ڪپ آهي.
23هين ايڊيشن ۾ ڪل 48 ٽيمن واري ٽورنامينٽ جي صورت ۾ کيڏي ويندي، اڄ 11 جون تي پنهنجي 104 ميچن جي شروعات ميزبان ميڪسيڪو ۽ ڏکڻ آفريڪا جي مقابلي سان ٿيندو.
ارجنٽينا جي قومي فٽبال ٽيم دفاعي چيمپئن آهي، جنهن قطر 2022 ۾ ٽرافي کٽي هئي، پر هن ڀيري عالمي فٽبال جو هي قيمتي اعزاز ڪير حاصل ڪندو؟
افتتاحي ميچ کان اڳ، سنڌيار پنهنجي پڙهندڙن لاءِ انهن سڀني اهم ڳالهين بابت معلومات گڏ ڪئي آهي، جن ۾ ٽيمون، گروپ، فارميٽ ۽ شيڊول شامل آهن.
فيفا ورلڊ ڪپ 2026 جا گروپ ۽ ٽيمون
گروپ A: ميڪسيڪو، ڏکڻ آفريڪا، ڏکڻ ڪوريا، چيڪ ريپبلڪ
گروپ B: ڪينيڊا، بوسنيا هرزيگووينا، قطر، سوئٽزرلينڊ
گروپ C: برازيل، مراڪش، هيٽي، اسڪاٽلينڊ
گروپ D: آمريڪا، پيراگوئي، آسٽريليا، ترڪيه
گروپ E: جرمني، ڪوراساؤ، آئيوري ڪوسٽ، ايڪواڊور
گروپ F: هالينڊ، جاپان، سوئيڊن، تيونس
گروپ G: بيلجيم، مصر، ايران، نيوزيلينڊ
گروپ H: اسپين، ڪيپ ورڊي، سعودي عرب، يوراگوئي
گروپ I: فرانس، سينيگال، عراق، ناروي
گروپ J: ارجنٽينا، الجزائر، آسٽريا، اردن
گروپ K: پرتگال، ڪانگو، ازبڪستان، ڪولمبيا
گروپ L: انگلينڊ، ڪروشيا، گهانا، پاناما
افتتاحي ميچ ڪڏهن ۽ ڪٿي ٿيندي؟
ٽورنامينٽ جي شروعات 11 جون تي ميڪسيڪو جي گادي واري شهر ۾ واقع ميڪسيڪو سٽي اسٽيڊيم ۾ ٿيندي.
فائنل ڪڏهن ۽ ڪٿي ٿيندو؟
فائنل 19 جولاءِ تي ميٽ لائيف اسٽيڊيم ۾ ٿيندو، جنهن کي ٽورنامينٽ دوران “نيو يارڪ نيو جرسي اسٽيڊيم” سڏيو ويندو.
فيفا اسٽيڊيمز جا نالا ڇو تبديل ڪيا؟
فيفا غير لاڳاپيل برانڊز جي اشتهاري مهمن کي محدود ڪرڻ لاءِ ميزبان شهرن جي نالن مطابق اسٽيڊيم جا عارضي نالا رکيا آهن.
انهيءَ تحت نيو جرسي جو ميٽ لائيف اسٽيڊيم “نيو يارڪ نيو جرسي اسٽيڊيم” ۽ لاس اينجلس جو سو فائي اسٽيڊيم “لاس اينجلس اسٽيڊيم” سڏيو ويندو.
فيفا ورلڊ ڪپ 2026 جو فارميٽ
هن ڀيري ٽورنامينٽ ۾:
• هڪ گروپ مرحلو
• رائونڊ آف 32
• رائونڊ آف 16
• ڪوارٽر فائنل
• سيمي فائنل
• فائنل
شامل هوندا.
گذريل ورلڊ ڪپن جي ابتڙ، هاڻي ناڪ آئوٽ مرحلو سڌو رائونڊ آف 32 کان شروع ٿيندو.
ٽورنامينٽ جو شيڊول
• گروپ مرحلو: 11 جون – 27 جون
• رائونڊ آف 32: 28 جون – 3 جولاءِ
• رائونڊ آف 16: 4 جولاءِ – 7 جولاءِ
• ڪوارٽر فائنل: 9 جولاءِ – 11 جولاءِ
• سيمي فائنل: 14 جولاءِ – 15 جولاءِ
• ٽئين پوزيشن (برونز ميڊل) ميچ: 18 جولاءِ
• فائنل: 19 جولاءِ
پهرين ڏينهن جون ميچون
خميس، 11 جون
• ميڪسيڪو بمقابله ڏکڻ آفريڪا – ميڪسيڪو سٽي اسٽيڊيم
• ڏکڻ ڪوريا بمقابله چيڪ ريپبلڪ – اسٽيڊيو گواڊالاخارا
جمعو، 12 جون
• ڪينيڊا بمقابله بوسنيا ۽ هرزيگووينا – ٽورنٽو اسٽيڊيم
• آمريڪا بمقابله پيراگوئي – لاس اينجلس اسٽيڊيم
ڇنڇر، 13 جون
• قطر بمقابله سوئٽزرلينڊ
• برازيل بمقابله مراڪش
• هيٽي بمقابله اسڪاٽلينڊ
• آسٽريليا بمقابله ترڪيه
آچر، 14 جون
• جرمني بمقابله ڪوراساؤ
• هالينڊ بمقابله جاپان
• آئيوري ڪوسٽ بمقابله ايڪواڊور
• سوئيڊن بمقابله تيونس
سومر، 15 جون
• اسپين بمقابله ڪيپ ورڊي
• بيلجيم بمقابله مصر
• سعودي عرب بمقابله يوراگوئي
• ايران بمقابله نيوزيلينڊ
هي شيڊول 27 جون تائين گروپ مرحلي جي سڀني ميچن سان جاري رهندو، جنهن کان پوءِ ناڪ آئوٽ مرحلو شروع ٿيندو.
19 جولاءِ تي نيو يارڪ نيو جرسي اسٽيڊيم ۾ فائنل سان فيفا ورلڊ ڪپ 2026 جو اختتام ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو