اسرائيل جا جنگ بندي باوجود حملا، لبناني برگيڊيئر سميت 12 ڄڻا شهيد

اسرائيل جا جنگ بندي باوجود حملا، لبناني برگيڊيئر سميت 12 ڄڻا شهيد

بيروت: (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ لبنان ۾ اسرائيلي حملن جي نتيجي ۾ لبناني فوج جي هڪ اعليٰ آفيسر برگيڊيئر جنرل وسام صبرا سميت گهٽ ۾ گهٽ 12 ڄڻا شهيد ٿي ويا. لبنان ۽ اسرائيل جي وچ ۾ تازي جنگ بندي جي باوجود ڇڪتاڻ ۾ وڌيڪ اضافو ٿي ويو آهي. لبناني فوج موجب، حملي ۾ هڪ فوجي گاڏي کي نشانو بڻايو ويو جنهن جي نتيجي ۾ برگيڊيئر جنرل، هڪ ڪيپٽن ۽ هڪ سپاهي پنهنجي جان جي قرباني ڏني، جڏهن ته مختلف علائقن ۾ ٿيندڙ ٻين حملن ۾ وڌيڪ 9 ڄڻا مارجي ويا. لبناني فوج ٻڌايو ته خارديلي ۽ نباتيه کي ڳنڍيندڙ روڊ تي فوجي گاڏي تي اسرائيلي حملي ۾ برگيڊيئر جنرل وسام صبرا, ڪيپٽن ايلي خوري ۽ سپاهي حسين غزال شهيد ٿيا. لبناني اختيارين جو چوڻ آهي ته اسرائيل پاران مسلسل ۽ ڄاڻي واڻي ڪيل حملن جو مقصد خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ جاري ڪوششن کي ناڪام بڻائڻ آهي. ٻئي طرف اسرائيلي فوج حملي جي تصديق ڪندي چيو آهي ته اهو علائقو هڪ سرگرم جنگي زون هو ۽ اتي چرپر (نقل و حرڪت) لاءِ اسرائيلي فوج سان اڳواٽ رابطو ڪرڻ ضروري هو. اسرائيلي اختيارين موجب واقعي جي جاچ جاري آهي. لبنان جي صدر جوزف عون ان حملي کي ملڪي خودمختياري ۽ بين الاقوامي قانونن جي کلم کلا ڀڃڪڙي قرار ڏنو، جڏهن ته وزيراعظم نواف سلام ان کي لبنان ۽ لبناني عوام خلاف هڪ انتهائي ڳرو ڏوهه قرار ڏيندي شهيد ٿيندڙ فوجي آفيسرن ۽ اهلڪارن جي خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. ٻئي طرف حزب الله به هن حملي جي سخت مذمت ڪندي ان کي لبنان خلاف سنگين ڏوهه قرار ڏنو آهي ۽ حڪومت تي الزام هنيو آهي ته هن آمريڪي دٻاءُ اڳيان مڪمل جھڪي (گھٽنا ٽيڪي) ملڪ کي وڌيڪ خونريزي جي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي. ايران, سعودي عرب, اردن, قطر ۽ ٻين علائقائي ملڪن به اسرائيلي ڪارروائي جي مذمت ڪندي لبنان جي خودمختياري جي احترام ۽ فوري طور تي جنگ بندي تي عمل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. اقوام متحده جي امن فوج (يونيوفل) چيو آهي ته اهڙي قسم جا حملا لبنان جي خودمختياري، علائقائي سلامتي ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪونسل جي قرارداد 1701 جي سنگين ڀڃڪڙي آهن. مارچ ۾ شروع ٿيندڙ تازي تڪرار کانپوءِ هي پهريون ڀيرو آهي جو لبناني فوج جو ڪو وڏو عهديدار اسرائيلي حملي ۾ شهيد ٿيو آهي. ڏکڻ لبنان جي مختلف علائقن ۾ اسرائيلي فضائي ۽ ڊرون حملا اڃا تائين جاري آهن. صيدا ضلعي جي ڳوٺ سڪسڪيه ۾ هڪ حملي ۾ 6 ڄڻا مارجي ويا ۽ 4 زخمي ٿيا، جڏهن ته دير الزهراني، زفتا ۽ حبوش جي علائقن ۾ به ڪيتريون ئي قيمتي جانيون ضايع ٿيون آهن. اسرائيلي فوج جو دعويٰ آهي ته هن گذريل 2 ڏينهن دوران حزب الله جي لڳ ڀڳ 150 ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو آهي، جڏهن ته حزب الله پڻ ڏکڻ لبنان ۾ اسرائيلي فوجي هدفن تي حملن جي دعويٰ ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو