سجاول(سليم ملاح) ايس پي سجاول سھائي عزيز ٽالپر جي ھدايتن تي ضلعي پوليس پاران ريجنل بلڊ سينٽر ڄامشورو جي سھڪار سان ايس ايس پي آفيس جي ميدان تي ھڪ ڏينهن واري رت جي عطيي جي ڪئمپ لڳائي وئي. جنھن ۾ پوليس جي جوانن سميت سول سوسائٽي جي ماڻھن ۽ شھرين وڏي انگ ۾ رت جا عطيا ڏنا.ان موقعي تي آگاھي مھم بابت ھڪ تقريب پڻ منعقد ڪئي وئي جنھن ۾ پي آر او پوليس غلام قادر گوپانگ اسماعيل پليجو محمد شهزاد بدر ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته جنهن ھڪ انسان جي زندگي بچائڻ ۾ مدد ڪئي جهڙوڪ ھن پوري انسانيت کي بچائڻ ۾ مدد ڪئي. ھنن چيو ته غريب مريضن جي مدد لاء ھر صحتمند انسان تي فرض آھي.










