ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جيٽ فيول جي قيمت ۾ وڏي گهٽتائي ڪئي وئي، ملڪ ۾ ايئر لائنز جي ڪراڙن ۾ گهٽتائي جو امڪان آهي. ايوي ايشن ذريعن موجب، ڪمرشل جهازن جي جيٽ فيول جي قيمت ۾ 48 رپيا 80 پيسا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ نئين قيمت 283 رپيا 52 پيسا في ليٽر ٿي وئي آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته هينئر تائين مجموعي طور تي جيٽ فيول جي قيمت ۾ 283 رپين تائين گهٽتائي ٿي چڪي آهي.










