صبا ان حد تائين ڪردار ۾ هلي ويندي آهي جو کيس دورا پوندا آهن، فيصل

صبا ان حد تائين ڪردار ۾ هلي ويندي آهي جو کيس دورا پوندا آهن، فيصل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)پاڪستان شوبز انڊسٽري جي سينيئر اداڪار فيصل قريشي اداڪاره صبا قمر بابت حيرت انگيز انڪشاف ڪيو آهي. هڪ نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ فيصل قريشي انڊسٽري ۾ موجود اداڪارن بابت گفتگو ڪئي.گفتگو دوران فيصل قريشي اداڪاره صبا قمر جي تعريف ڪندي چيو ته صبا هڪ بهترين اداڪاره آهي. هن اهو به چيو ته مان صبا قمر کي هڪ مشورو ضرور ڏيندس، هوءَ ڪردار ۾ ايترو وڌيڪ ٻڏي (کوهجي) ويندي آهي جو شوٽنگ دوران اسان ڊڄي رهيا هوندا آهيون. فيصل قريشي جو چوڻ هو ته ڪردار ۾ هلي وڃڻ جي ڪري اداڪاره کي دل جا دورا به پئجي چڪا آهن، سيٽ تي مان صبا کي پرسکون رهڻ جو چوندو هئس ۽ هوءَ وقت کان اڳ سيٽ تي پهچندي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو