مهانگائي 7 سيڪڙو تائين پهچڻ جو امڪان

مهانگائي 7 سيڪڙو تائين پهچڻ جو امڪان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اسٽيٽ بينڪ جي گورنر چيو آهي ته مڪ ۾ مهانگائي جي شرح ايندڙ وقت ۾ وڌي تقريبن 7 سيڪڙو تائين پهچي سگهي ٿي، پر ايندڙ سال جي ٻئي ٽماهي ۾ انهي ۾ گهٽتائي اچڻ شروع ٿي ويندي.
اسٽيٽ بينڪ جي گورنر جميل احمد ڪراچي يمبر ۾ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته هلندڙ مالي سال جي پهرين 9 مهينن جي دوران ملڪي معيشت ۾ 3.7 سيڪڙو شرح واڌ رڪارڊ ڪئي وئي. هن چيو ته مهانگائي جي دٻاءُ ۾ اضافي جو رجحان برقرار رهي سگهي ٿو پر مستقبل ۾ معاشي استحڪام جا اثر به سامهون اچي رهيا آهن.
هن چيو ته جون 2028 تائين ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبارن جي لاءِ فنانسنگ جو حجم وڌاي 1500 ارب روپين تائين کڻي وڃڻ جو حدف مقرر ڪيو ويو آهي. هن چيو ته گڏيل قرضن جي حجم ۾ اضافو ٿيو آهي جنهن سان اندروني قرض وڌيو جڏهن ته ٻاهرين قرضن ۾ گهٽتائي ڏني وئي آهي. اسٽيٽ بينڪ جي گورنر ٻڌايو ته برآمدات ۾ گهٽتائي جو هڪ ٻيو وڏو سبب عالمي معاشي صورتحال آهي. هلندڙ مالي سال ۾ برآمدي حڊف ۾ تقريبن 2 ارب روپين جي گهٽتائي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته نون ڪرنسي نوٽن جي تياري تي ڪم جاري آهي، انهي حوالي سان حڪومتي منظوري جو عمل به آخري مرحلي ۾ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو