پرچون فروشن لاءِ نئين اسڪيم متعارف ڪرائڻ جي تجويز تي غور

پرچون فروشن لاءِ نئين اسڪيم متعارف ڪرائڻ جي تجويز تي غور

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ايندڙ مالي سال جي بجيٽ تي بين الاقوامي مالي فنڊ (آءِ ايم ايف) ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ڳالهين ۾ پرچون فروشن لاءِ هڪ نئين اسڪيم متعارف ڪرائڻ جي تجويز تي غور ڪيو ويو آهي.ذريعن موجب، ايندڙ مالي سال جي بجيٽ تي آءِ ايم ايف ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ڳالهيون جاري آهن، جنهن ۾ ايندڙ مالي سال دوران پرچون فروشن لاءِ هڪ نئين اسڪيم متعارف ڪرائڻ ۽ زرعي آمدني ٽيڪس لاءِ هدف مقرر ڪرڻ تي غور ڪيو ويو.ذريعن جو چوڻ آهي ته زرعي آمدني ٽيڪس لاءِ هارين جي رجسٽريشن شروع ڪرڻ تي غور ڪيو ويو، ۽ ٽيڪس فائلرز لاءِ هڪ هدف مقرر ڪرڻ جو به جائزو ورتو ويو.ذريعن موجب، فيڊريشن بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) جي وچ ۾ زيرو ٽيڪس ريٽرن فائلرز جي تعداد کي گهٽائڻ ۽ وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ ٽيڪس آمدني وڌائڻ جو هدف مقرر ڪرڻ لاءِ ڳالهيون ٿيون.ذريعن جو چوڻ آهي ته ايندڙ مالي سال دوران صوبن جي سرپلس بابت به ابتدائي ڳالهيون ٿيون.

پهنجو تبصرو موڪليو