تحرير ۽ ڪھاڻي: اوشاق علي بليدي
اها رات نه هئي، اها هڪ ڪاري بلا هئي، جيڪا لاڙڪاڻي جي ٻهراڙيءَ کي ڳڙڪائي رهي هئي. سنڌو درياءُ جو تيز وهڪرو ڪنارن کي ائين کائي رهيو هو، جيئن ڪو گدڙ هڏن کي چٻاڙيندو آهي. باقراڻي جي فضا ۾ گوليءَ جي بارود جي بوءِ اڳي ئي موجود هئي، ڄڻ ته موت اڳواٽ ئي پنهنجو کاڄ ڳولي چڪو هو.
موٽرسائيڪل جي پويان ويٺل شاهده پنهنجي نياڻي نغمه کي ائين چنبڙي ويٺي هئي، ڄڻ کيس احساس ٿي ويو هو ته سندس ڪک مان ڄاول اها نياڻي، جنهن جي هٿن تي اڃا سڱ گهرڻ واري خوشيءَ جي مهنديءَ جو رنگ چڙهيو ئي نه هو، تنهن جي نصيب ۾ اڄ رت جي سرخي لکيل آهي.
علي حيدر جا هٿ هينڊل تي نه، پر موت جي رقص تي هئا. هن جي اکين ۾ نه ممتا لاءِ عزت هئي، نه ئي نياڻيءَ لاءِ لڄ. هن جي ذهن ۾ رڳو اهو “سودو” گهمي رهيو هو، جيڪو هن پنهنجي “غيرت” جي نالي تي پوليس ۽ وڏيرن سان ڪيو هو.
“علي حيدر! هيءَ ڪهڙي هوٽل آهي؟ هتي ته رڳو موت جي خاموشي آهي!” شاهده جو رڙ اڃا هوا ۾ هئي ته علي حيدر موٽرسائيڪل کي جهٽڪو ڏئي بياريو.
اونداهيءَ ۾ پسٽل جي نري جڏهن شاهده جي پيشانيءَ سان لڳي، ته تنهن مهل ٿڌي لوهه جو اهو ٽڪر شاهده جي ممتا کان وڌيڪ گرم هو.
“سڱ گهرڻ جو شوق اٿئي؟” علي حيدر جو آواز ڪنهن پاڳل ڪتي جي گجگوڙ جهڙو هو. “منهنجي غيرت کي سڱن سان ٽوڪيو اٿو؟ نغمه جي سعودي واري ڇوڪري سان محبت جا قصا اسان جي اڇي پٽڪي تي رت جا داغ آهن. اڄ اهي داغ تنهنجي رت سان ڌوپبا!”
“ٺاءُ!”
پهرين گولي شاهده جي ڪلهي کي چيري پار ٿي وئي. هن جي رڙ اڃا درياءَ جي لهرن سان ٽڪرائي ئي نه هئي ته ٻي گولي نغمه جي سيني جي وچ ۾ لڳي. نغمه—جنهن جا خواب سمنڊ پار ڪنهن شهزادي سان گڏ زندگي گذارڻ جا هئا—تنهن جي ڦڦڙن مان هوا جي جاءِ تي رت جا ڦڙا نڪري هوا ۾ وکري ويا.
وحشت جي انتها ته اها هئي جو علي حيدر کين مئل نه سمجهيو. هن انهن اڌ مئن جسم کي، جيڪي اڃا ساهه کڻڻ لاءِ تڙپي رهيا هئا، وارن کان پڪڙي گهلبو ويو. نغمه جا وار درياءَ جي مٽيءَ ۾ لٽجي ويا. هنن کي اڃا هوش هو، هنن جون اکيون اڃا کلنديون هيون، پر علي حيدر انهن جيئري لاشن کي درياءَ جي تيز وهڪري ۾ اڇلائي ڇڏيو. درياءُ جو پاڻي هنن جي زخمن ۾ لوڻ وانگر چڀيو هوندو، پر انهن جي رڙين کي ٻڌڻ وارو ڪير نه هو.
اگلي صبح، جڏهن الاهي بخش سيال ٿاڻي جا “قانون جا رکوال” جاڳيا، ته هنن جي اڳيان مقتولن جي لاشن جو درد نه، پر جوابدار ڌر جي ڏنل رشوت جي نوٽن جي چمڪ هئي.
پوليس جي چالاڪي ڏسو! هنن انسانيت کي ائين اگهاڙو ڪيو، جو سپريم ڪورٽ جو انصاف به پناهون گهرڻ لڳو. “ڪارنهن” جي الزام کي لڪائڻ لاءِ هنن قلم جي نوڪ سان اهڙو زهر اوڳاڇيو جيڪو تاريخ ڪڏهن نه وساريندي. هنن لکيو: “ماني وقت تي نه پچائڻ تان قتل ٿيو!”
هڪ ماءُ ۽ ڌيءَ جي رت جي قيمت؟ رڳو هڪ مانيءَ جو ٽڪر! ڇو ته هنن کي خبر هئي ته جيڪڏهن ڪارنهن لکبي ته معاملو وڏو ٿيندو، پر جيڪڏهن ماني لکبي ته اها “گهر جو معاملو” بڻجي ويندي. فريادي به ان کي بڻايو ويو جيڪا پاڻ ان رت جي راند ۾ حصيدار هئي. حاڪم خاتون، جيڪا مقتولن جي نڻاڻ هئي، تنهن پوليس سان گڏجي اهو اسڪرپٽ تيار ڪيو جنهن ۾ قاتل کي بچائڻ جا سڀ دروازا کليل هئا.
وحشت جو اهو ننگو ناچ اتي به نه رڪيو. ديدار جتوئي، جنهن جو ڏوهه رڳو اهو هو ته هن پنهنجي پٽ لاءِ هڪ معصوم جو “هٿ” گهريو هو، تنهن جي عزت ۽ گهر کي باهه ڏني وئي. هن جي گهر مان مال متاع ائين لٽيو ويو، جيئن ڪو لشڪر ڪنهن دشمن جي قلعي کي لٽيندو آهي. هن جا پٽ سعودي ۾ رت ٻاري پئسا ڪمائيندا رهيا، پر هتي سندن گهر جي اڱڻ ۾ رڳو رک ۽ خون باقي بچيو.
هيءَ ڪهڙي سنڌ آهي، جتي درياءُ انساني لاشن جي بک ۾ بيٺو آهي؟ جتي پوليس جي وردي رشوت جي گند ۾ ٻڏل آهي؟ جتي هڪ سڱ گهرڻ جو مطلب پنهنجي سڄي خاندان جي تباهي آهي؟
اڄ به لاڙڪاڻي جي ان واهه ۽ درياءَ جي ڪناري تان جيڪا هوا گذري ٿي، ان ۾ شاهده جي آخري دانهن ۽ نغمه جي اڌ مٽيل مهنديءَ جي بوءِ شامل آهي. اسان جا ايوان، اسان جا ٿاڻا ۽ اسان جون عدالتون ان رت جي داغن سان ائين ڀريل آهن، جو هاڻي ڪو به صابڻ انهن کي صاف نٿو ڪري سگهي.
سچ اهو آهي ته علي حيدر اڪيلو قاتل ناهي. قاتل اها پوليس به آهي جنهن “ماني” جي بهاني خون جو سودو ڪيو. قاتل اهي وڏيرا به آهن جيڪي پنهنجي “انا” کي نياڻين جي لاشن تي ويهي ملهائيندا آهن. ۽ سڀ کان وڏا قاتل اسان آهيون، جيڪي هي سڀ ڏسي رڳو “افسوس” ڪندا آهيون.
نغمه جو لاش درياءَ جي ڪنهن ڪناري تي شايد مٽي ٿي ويو هوندو، پر هن جو روح اڃا به الاهي بخش سيال ٿاڻي جي ديوارن سان ٽڪرائجي پڇي رهيو آهي:
“ڇا هڪ سڱ جي قيمت منهنجي ماءُ جي ممتا ۽ منهنجي جواني هئي؟”
هيءَ وحشت هاڻي اسان جي رڳن ۾ زهر وانگر گهڙي چڪي آهي. جيستائين اسان “مانيءَ جي بهاني” انصاف جو گهٽو ڏينداسين، تيستائين سنڌو درياءُ ائين ئي لاشون اڇلائيندو رهندو.










