محسن نقوي جو پي ايس ايل ٽيمن لاءِ ڊنر جو احتمام

محسن نقوي جو پي ايس ايل ٽيمن لاءِ ڊنر جو احتمام

لاهور (ويب ڊيسڪ) پي سي بي چيئرمين محسن نقوي پي ايس ايل ٽيمن لاءِ ڊنر جو انتظام ڪيو.محسن نقوي پي ايس ايل ۾ حصو وٺندڙ ڪرڪيٽرن لاءِ دو دريا جي ڪناري تي واقع هڪ ريسٽورنٽ ۾ ڊنر جو انتظام ڪيو.ڊنر ۾ پي ايس ايل ۾ حصو وٺندڙ ٽيمن جي رانديگرن ۽ ڪوچنگ اسٽاف ميمبرن شرڪت ڪئي.ان کان اڳ، پاڪستان سپر ليگ ۾ حصو وٺندڙ ڪرڪيٽرن ڪراچي جي ساحل جو دورو ڪيو هو. ڪجهه ڏينهن اڳ، ملتان سلطانز ۽ اسلام آباد يونائيٽيڊ جي رانديگرن ڪراچي جي ساحل تي پکنڪ ڪئي هئي. ٻنهي ٽيمن جي رانديگرن ٽرٽل بيچ تي وقت گذاريو.پکنڪ جي موقعي تي ٻنهي ٽيمن وچ ۾ والي بال ميچ پڻ منعقد ڪيو ويو، ۽ رانديگرن گهوڙي سواري ۽ جيٽ اسڪائينگ سرگرمين ۾ پڻ حصو ورتو.

پهنجو تبصرو موڪليو